ڪراچي

ق ليگ سان اتحاد تي پ پ اندر ڪا به مزاحمت ناهي: شرجيل ميمڻ

Sharjeel Memonڪراچي (م ڊ) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاقي حڪومت محدود وسيلن باوجود بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏنو آهي، سنڌ جي بجيٽ به عوام دوست هوندي، ن ليگ وارن بجيٽ اجلاس ۾ اُهي چوڙيون حڪومتي بينچن ڏانهن اڇلايون جيڪي چوڙيون پائي شريف ڀائر ڏهه سال اڳ ملڪ آمر حوالي ڪري ڊيل وسيلي عوام کي اڪيلو ڇڏي ٻاهر هليا ويا هئا، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران صوبائي وزير چيو ته شريف ڀائر اقتدار جي حوس ۾ پ پ حڪومت خلاف واويلا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پنجاب ۾ سستي روٽي جي آڙ ۾ 44 ارب رپيا هڙپ ڪري اُهي رائيونڊ محل تي خرچ ڪيا ويا آهن. شريف ڀائر قوم سان ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ بند ڪن. حمزا شهباز جو نالو ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۾ کنيو وڃي پيو، هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف وچ ۾ خانداني ڇڪتاڻ جي سزا عوام کي نه ڏني وڃي، جيڪڏهن چوڌري نثار علي ۽ راڻا ثناءُ الله جهڙا ماڻهو ن ليگ ۾ موجود آهن ته پوءِ شريف ڀائرن کي ڪو ٻيو دشمن پالڻ جي ضرورت نه آهي، هن چيو ته نواز شريف قوم کي ٻڌائي ته هو ڪهڙي غير ملڪي قوت جي اشاري تي پاڪ فوج خلاف تنقيد ڪري رهيو آهي، صحافين جي مختلف سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پهريان هڪ مهيني جي ۽ هاڻ 5 جون کان ٻئي مهيني لاءِ به موڪل منظور ڪرائي آهي، جيئن ئي سندس موڪل ختم ٿي هو واپس سنڌ حڪومت جو حصو بڻجي ويندو. پ پ جي ق ليگ سان اتحاد جي حوالي سان پيپلزپارٽي اندر ڪا به مزاحمت نه پئي ٿئي، محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي خط ۾ چوڌري پرويز الاهي جو جيڪر نالو نامزد ڪيو هو، ان جي گهڻ رخي جاچ ڪئي وئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب جي جي دوري دوران صحافين جا مسئلا ٻڌا ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي. شرجيل ميمڻ سان گڏ ايم پي اي نديم ڀٽو به گڏ هو، ڪراچي پريس ڪلب پهچڻ تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر طاهر حسن خان، سيڪريٽري موسيٰ ڪليم شمس ڪيريو ضياءَ قرشي ۽ ٻين سندس آڌر ڀاءُ ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button