قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ صحافين جو واڪ آئوٽ، چيئرمين طرفان زاهد کوکر ۽ عبدالسلام کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي رولنگ
اسلام آباد : صحافين ڪراچي ۾ رينجرز هٿان نوجوان مارجڻ ۽ پيش ايندڙ واقعي جي وڊيو ٺاهيندڙ ڪئميرامين کي ملندڙ ڌمڪين خلاف سينيٽ جي پريس گيلري مان احتجاجن واڪ آئوٽ ڪيو. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث دوران پريس گيلري ۾ ويٺل صحافين واڪ آئوٽ ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جهانگير بدر، امتياز صفدر وڙائچ ۽ صحت جي وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي واڪ آئوٽ ختم ڪرايو. صحافين مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ رينجرز هٿان مارجندڙ نوجوان جي رپورٽنگ ڪندڙ سينيئر صحافي زاهد کوکر، ڪئميرامين عبدالسلام سومرو ۽ خروٽ آباد واقعي جي وڊيو ٺاهيندڙ ڪئميرامين جمال ترڪئي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. جنهن تي اڳواڻن خاطري ڪرائي ته حڪومت انهن کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪندي.جڏهن ته سينيٽ چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ رينجرز جي بربريت جي رپورٽنگ ڪندڙ سينيئر صحافي زاهد کوکر ۽ ڪئميرامين عبدالسلام سومرو سميت خروٽ آباد واقعي جي عڪسبندي ڪندڙ جمال ترڪئي کي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ 17 جون تائين رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي پريس گيلري مان صحافين جي واڪ آئوٽ کانپوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر جهانگير بدر صحافين کي مڃائي پريس گيلري ۾ واپس آندو ۽ بعد ۾ سينيٽ ۾ اعتراض واري نقطي تي چيو ته پارليامينٽ ۽ صحافت جمهوريت جي لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي آهي. صحافين جي ذاتي سيڪيورٽي ۽ چرپر تي ڪراچي ۾ حملو ڪيو ويو. ڪراچي ۾ رينجرز هٿان نوجوان کي مارڻ وقت صحافي زاهد کوکر ۽ ڪئميرا مين عبدالسلام سومرو اتي موجود هئا، انهن ان واقعي جي وڊيو ٺاهي جنهن کانپوءِ انهن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن. انهن ادارن جي انتظاميا کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن. خروٽ آباد واقعي جي عڪسبندي ڪندڙ جمال ترڪئي کي به ڌڪيون ڏنيون پيون وڃن. صحافي پنهنجي زندگي جي پرواهه نه ڪندي ڪوريج ڪن ٿا. انهن جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته صحافين جي خدشن کي ختم ڪيو ويندو. جيستائين انهن جي حفاظت نه ٿيندي تيستائين اهي پنهنجا فرض سرانجام ڪيئن ڏيندا. ميان رضا رباني چيو ته گهرو وزير ڪڏهن ايوان ۾ ايندو، اسان کي گهڻي وقت کان اهو ٻڌايو پيو وڃي ته هو ايوان ۾ اچي رهيو آهي پر اڃا تائين ناهي آيو. عوام جي حفاظت ڪندڙ ادارن ئي عوام تي بندوقون اڀيون ڪيون آهن. اسان پوري طرح سان صحافين سان گڏ آهيون. قائد ايوان سيد نيئر حسين بخاري چيو ته گهرو وزير اطلاع ڏنو آهي ته هو ايوان ۾ پهچڻ وارو آهي. صحافين جي تحفظ جي معاملي تي هو ذاتي طور تي سنڌ حڪومت سان ڳالهائيندو، جيئن انهن جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. چيئرمين چيو ته مون کي انهن صحافين جا نالا ڏنا وڃن جن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن پوءِ انهن جي حفاظت لاءِ باقاعده رولنگ ڏني ويندي. سينيٽر جهانگير بدر چيو ته آواز ٽي وي ڪراچي جي رپورٽر زاهد کوکر ۽ ڪئميرا مين عبدالسلام سومرو ۽ ڪوئيٽا جي جمال ترڪئي کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن. انهن جو مطالبو آهي ته ڌمڪيون ڏيندڙن جو پتو لڳايو وڃي. سينيٽر اعظم سواتي اعتراض واري نقطي تي چيو ته سپريم ڪورٽ ڪراچي واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي ۽ صحافين جي حفاظت لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. سينيٽر بابر اعواڻ چيو ته چيئرمين سنڌ حڪومت ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي صحافين جي لاءِ حڪم جاري ڪري سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ رولنگ ڏني ويندي ته آرٽيڪل 9 تحت صحافين جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. چيئرمين سينيٽ رولنگ ڏني ته وفاقي گهرو وزارت، گهرو وزير سنڌ، گهرو وزير بلوچستان، ڪراچي جي صحافي زاهد کوکر، ڪئميرامين عبدالسلام سومرو، ڪوئيٽا جي صحافي جمال ترڪئي ۽ ٻين صحافين جن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن کي ڌمڪيون ڏيندڙن کي فوري طور گرفتار ڪن ۽ انهن خلاف ڪيس داخل ڪري 17 جون تائين ايوان ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سينيٽر حافظ رشيد احمد اعتراض واري نقطي تي چيو ته مهمند ايجنسي ۾ 35 ماڻهن جا لاش هڪ کڏ مان مليا آهن. ان واقعي جو به نوٽيس ورتو وڃي. پروفيسر ابراهيم اعتراض واري نقطي تي چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه عرصو پهرين صحافي ولي خان بابر کي قتل ڪيو ويو هو. ڪراچي جي صحافين ٻڌايو ته ٻين صحافين کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن. ميان رضا رباني چيو ته گهرو وزير ايوان ۾ نه پهتو، بيگناهه نوجوان مارجي ويو آهي. جنهن تي سينيٽ چيئرمين قائد ايوان سينيٽر سيد نيئر حسين بخاري کي هدايت ڪئي ته گهرو وزير کي اڄ جي رولنگ جي حوالي سان آگاهه ڪري ۽ هو سومر ڏينهن ايوان ۾ اچي صحافين جي حفاظت لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪري. سينيٽر حاجي غلام علي اعتراض واري نقطي تي ٻڌايو ته پشاور ۾ ايم پي اي عتيق الرحمان جي ڀاءُ کي پوليس گولين جو نشانو بڻايو. اسان کي اهڙو قانون بڻائڻو پوندو جو ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ واقعن جي ذميوارن کي سزا ملي سگهي. سينيٽر مشاهد الله اعتراض واري نقطي تي چيو ته جيستائين ڪنهن خلاف ڪو الزام ثابت نه ٿو ٿئي، تيستائين ڪنهن کي ڏوهاري قرار نه ٿو ڏئي سگهجي.قومي اسيمبلي ۾ به ڪوريج ڪندڙ سمورن صحافين پريس گيلري جو احتجاجن واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پيپلزپارٽي جو اڳواڻ امتياز صفدر وڙائچ ۽ (ق) ليگ جو رياض حسين پيرزاده صحافين وٽ پهتا. صحافين پاران انهن کي واقعي بابت ٻڌايو ويو ۽ چيو ويو ته نوجوان جي مارجڻ واري وڊيو ٺاهيندڙ صحافين ۽ ڪئميرامينن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن. بعد ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه قومي اسيمبلي جي فلور تي بيان ڏيندي چيو ته صحافت جي آزادي کي ڪو به ختم نه ٿو ڪري سگهي. وڊيو ٺاهيندڙ صحافين ۽ ڪئميرامينن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار اهي اهلڪار هوندا جن ڪراچي ۾ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. هن چيو ته انهن صحافين ۽ ڪئميرامينن کي حڪومت مڪمل تحفظ فراهم ڪندي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني به نوٽيس ورتو آهي ۽ پاڻ جاچ ڪري رهيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ان حوالي سان مون وٽ به صحافين جو وفد پهتو آهي. حڪومت صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي
اي پي پي