قدرتي آفتن کي روڪڻ انسان جي وس ۾ ناهي ،موجوده حڪومت ايندڙ امڪاني ٻوڏ جي خطري جي پيش نظر سمورا وسيلا قطب آڻي رهي آهي: ۾ نويد قمر
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل ڪميٽي ڪوٽ عالمون لڳ ايم ايس بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ پهچي دورو ڪيو، ۽ هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو، وفاقي سرڪار پاران بندن جي نگراني لاءِ جوڙيل 8 رڪني ڪميٽي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير نويد قمر جي اڳواڻي ۾ ڪوٽ عالمون ايم ايس بچاءُ بند کي پيل گهاري واري هنڌ جو معائنو ڪري هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو ، 8 رڪني ڪميٽي ۾ نويد قمر سميت وفاقي وزير ميرهزار خان بجاراڻي، وفاقي فلڊ ڪميشن جي چيئرمين اسد امتياز ، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير جام سيف الله ڌاريجو، سيڪريٽري آبپاشي خالد حيدر ميمڻ، پاڻي بابت ماهر ادريس راجپوت، واپڊا ۾ پاڻي بابت ميمبر راغب عباس شاهه ۽ ٻيا شامل هئا. ڪميٽي جي اڳواڻن گهاري کي بند ڪرڻ واري ڪم جو معائنو ڪيو ۽ بعد ۾ آبپاشي کاتي جي سپرنٽيڊنٽ انجنيئر عبدالقادر پليجو ، چيف انجنيئر مٺل عباسي، ڪميٽي جي بند تي هلندڙ ڪم بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 12 سئو فوٽن تائين پيل گهاري کي بند ڪري هاڻي پٿرن جي پيچنگ جو ڪم جاري رکيو پيو وڃي جيڪو 30 جون تائين مڪمل ٿي ويندو ان موقعي تي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير نويد قمر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قدرتي آفتون روڪڻ انسان جي وس ۾ ته نه هوندو آهي پر موجوده حڪومت ايندڙ امڪاني ٻوڏ جي خطري جي پيش نظر سمورا وسيلا قطب آڻي رهي آهي سجي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ جي ڪمزور بچاءُ بندن جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي جو بحران هل ڪرڻ لاءِ مختلف آپشن تي غور ڪيو پيو وڃي ان موقعي تي صوبائي وزير آبپاشي جام سيف الله ڌاريجو چيو ته حفاظتي بچاءُ بندن جو ڪم مڪمل ٿيڻ وارو آهي باقي ڪجهه بندن تي ٻن مهينن تائين ڪم جاري رهي سگهي ٿو پر گهارن وارا هنڌ ۽ ڪمزو بچاءُ بند مڪمل طور تي مضبوط ڪيا ويا آهن جڏهن ته وفاقي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي بندن جي صورتحال بابت ڪيترائي خدشا آهن ان ڪري اهي صورتحال کي مانيٽر ڪري بندن تي هلندڙ ڪمن کي معياري بنائڻ سان گڏ وقت سر بندن تي ڪم مڪمل ڪرائڻ چاهين ٿا. آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري خالد حيدر ميمڻ چيو ته پهرين جولائي کان سنڌ جي سمورن بندن کي ايمرجنسي صورتحال هوندي هئي جن جو واسطو ٻوڏ اچڻ سان نه هوندو پر بندن تي مستقل بنيادن تي ڪم جاري رکيو ويندو.