ڪراچي

فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ رکيل گورنر فنڊ ۾ سنڌين لاءِ ليجنڊ نالي ڪا شيءِ ناهي، پڇاڻو ٿيڻ کپي:سسئي پليجو

sassi palijo1ڪراچي: ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو آهي ته اديب اهم آهن، اديبن ۽ شاعرن کي جيتري به مڃتا ڏجي اها گهٽ آهي، ثقافت کاتي کانسواءِ شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن لاءِ ٻين ادارن سنڌي ادبي بورڊ ۽ ليجنڊ فنڊ رکيل آهن، ليجند فنڊ جو چيف پيٽرن گورنر آهي، پر ان کان ڪڏهن پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي. ڇو ته رقم ته سنڌ گورنمينٽ جي آهي. هن اهڙو اظهار مقامي هوٽل ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران ادبي انعام 2010ع ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سسئي پيلجو چيو ته ايوارڊ ڏيڻ واري روايت هر اداري پاران هئڻ گهرجي، جڏهن ته تنقيد براءِ تنقيد نه پر تنقيد براءِ اصلاح هئڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته صوبائي خودمختياري جو عملي مظاهرو ڪيو، وفاقي حڪومت ۾ ڪجهه اهڙا به ذهن ويٺا آهن، پاڻي جو اشو هجي يا ڪو ٻيو اشو هجي ان ۾ ضرور ٽنگ اڙائيندا. هن چيو ته سال ۾ اسان ڪيترن ئي اديبن شاعرن کي علاج طور مالي مدد ڪئي آهي، جنهن جو مثال ڪنهن به حڪومت ۾ به نٿو ملي. اديبن ۽ شاعرن لاءِ جيترا به پئسا رکجن اهي گهٽ آهن. هن چيو ته پهريون ڀيرو اديب طارق عالم ابڙي لاءِ 15 لک رپيا علاج طور ڏنا ويا. هن وڌيڪ چيو ته فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ رکيل گورنر فنڊ ۾ سنڌي فنڪارن ۽ اديبن لاءِ ليجنڊ نالي ڪابه شئي نه آهي پر انهن کان ڪي به پڇاڻو نٿا ڪن،هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ترقيات ۽ رٿابندي وارن سان مون جهيڙا ڪيا آهن ڇو ته اسڪيمون ناهن ڏنيون ويون، حڪومت ۾ الاهي رڪاوٽون آهن. هن چيو ته ثقافت کاتي کي پڻ اڃا تائين مسئلا آهن، جيڪي سي سي آءِ ۾ حل ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته سنڌي ناول ۽ ٻولي ۾ رنگ اديب چٽين ٿا. ايوارڊ جو مطلب مڃتا ڏيڻ آهي. هن چيو ته هي مهينو ڳرو ثابت ٿيو آهي جو طارق عالم ابڙو ۽ حسن درس اسان کان وڇڙي ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته سنڌي ٻولي اٿارٽي ادارو گهڻو اڳ مري چڪو هو پر ان کي زنده ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين جو وڏو ڪردار آهي، اسان کي فهميده حسين جا هٿ مضبوط ڪرڻ گهرجن، ان کي ايترو تنگ نه ڪرڻ گهرجي جو هو سنڌي ٻولي اٿارٽي کي ڇڏي هلي وڃي. نامياري ليکڪه نورالهديٰ شاهه چيو ته ثقافت کاتي جون نوازشون ڪاش انهن لاءِ به ٿي وڃن ها، جن کي ايوارڊ نه پر سنڌي ادب ۾ انهن جو نالو هو، هن چيو ته ثقافت کاتي لاءِ دل ۾ ڪيتريون ئي تلخيون ويٺل آهن، ثقافت کاتي کي ڪنهن اديب جي موت تي اهڙو سهڻو اشهتار نه شايع ڪرڻ گهرجي ها جيڪو مون ڪڏهن به ڪنهن به ملڪ ۾ نه ڏٺو آهي. ان موقعي تي ناليوارو اديب سراج الحق ميمڻ چيو ته سنڌي ادب ۾ ٻيا به سائنسي مضمون آهن انهن تي اڳڀرائي ڇو نه ٿي آهي؟ جاکوڙي، سائنسي ڪتاب اچن ته مون کي خوشي ٿيندي. ان موقعي تي سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته ادبي ايوارڊ ڏيڻ وارو سلسلو ٽن سالن کان هلندو اچي ٿو مون کي کٽي کنيو جو اهي ادبي ايوارڊ شروع ڪيا، مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ پروفيشنل سوچ اڃا تائين پيدا نه ٿي آهي. هر ڪو اديب پنهنجي ڪتاب کي سٺو سمجهندو آهي پر اهو نه ڏسندو آهي ته ڪتاب ڏسڻ وارا جج ڇا ٿا چون. هن چيو ته مون ڪنهن به جج کي ڪتاب جي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ سفارش ناهي ڪئي، پر اهو سڄو ممڻ مچائڻ ۾ پبليشرن جو هٿ آهي، هن چيو ته پبليشرن جو مقصد هو ته کائن وڌ کان وڌ ڪتاب خريد ڪيا وڃن، ائين نه ٿيڻ تي کين ڳالهه نه وڻي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جونيئر اديبن کي نظر انداز نه ڪيو ويو آهي، ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ججن تي ئي ڇڏيل آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار سرفراز راڄڙ چيو ته ججن پاران ڪتابن تي انعام ڏيڻ بابت فيصلا مڃڻ گهرجن، جيڪڏهن ڪنهن اديب جو ڪتاب شامل نه ٿي سگهيو آهي ته ان کي ڏک نه ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي چيو ته مثبت تنقيد ڪرڻ گهرجي ۽ جتي ڪوتاهيون آهن انهن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته ثقافت کاتي طرفان جلد هڪ ويب سائيٽ جاري ڪرڻ وارا آهيون، جنهن ۾ اديبن ۽ شاعرن بابت تفصيل هوندا. جڏهن ته ان موقعي سنڌي ٻولي اٿارٽي جي سيڪريٽري تاج جويو چيو ته ادبي ايوارڊن جي روايت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وڌي ۽ پوءِ اها بند ٿي وئي، پر اها روايت ٻيهر ڊاڪٽر فهميده حسين شروع ڪئي آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button