فقير جو ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند جي گهاري جي مرمت جو ڪم بند، ٺيڪيدار جي لاپرواهي
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) گذريل مها ٻوڏ دوران ٺٽي ضلعي اندر سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسن دريا جي حفاظتي بچاءُ بندن کي پيل گهارن سميت انتهائي حساس قرار ڏنل بچاءُ بندن جي مرمت ۽ مضبوطي وارو ڪم آبپاشي کاتي ۽ ٺيڪيدار جي لاپرواهي سبب رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ فقير جو ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ کي ٻڌڻ سميت ان جي مضبوطي لاءِ هلندڙ ڪم ٺيڪيدار اوچتو بند ڪري مشنري واپس ڪري ڇڏي آهي، مذڪوره انتهائي حساس بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ توڙي سموري بند کي مٿي ۽ گذريل ٻوڏ جي سطح کان 6 فوٽ اوچو ڪرڻ وارو ڪم به رڪجي ويو آهي جڏهن ته پي بي بند جي گهاري واري هنڌ پٿرن سان پيچنگ وارو ڪم به اڃان تائين شروع نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته آبپاشي انتطاميا ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن ان معاملي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي جنهن سبب ٺٽو واسي ۽ علائقي جا زميندار توڙي آبادگار ٻيهر سخت خوف و حراس ۾ وٺجي ويا آهن،جيوتڻيڪ آبپاشي کاتي پاران ڪوٽ عالمون لڳ ايم ايس بچاءُ بند جي گهاري کي مضبوطي سان ٻڌڻ ۽ پٿرن سان پيچنگ جو ڪم 90 سيڪڙو مڪمل ٿيڻ جي دعوا ڪئي ويئي آهي، پر ٺٽي جي انتهائي حساس قرار ڏنل سورجاڻي، منارڪي ۽ دمدمو توڙي سونڊا هيلايا بچاءُ بندن تي به هلندڙ ڪم رولڙي جو شڪار آهي جنهن سبب وقت سر اهي بند مضبوط نه ٿيڻ جو امڪان آهي.