ڪراچي

عورت اسپيڪر آهيان،ميمبر چوڻ نه ٿا وٺن:شهلا رضا

Shehla Razaڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اربع تي هڪ مرحلي تي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي شهلا رضا ان ڳالهه تي ڪاوڙجي پئي ته ميمبرن کيس ليڊي اسپيڪر سمجهي سندس ڳالهه نه ٿا مڃين. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بجٽ تقرير دوران ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته ايوان ۾ گوڙ ٿي رهيو آهي هو تقرير نه ٿو ڪري سگهي. ڊپٽي اسپيڪر جاويد شاه جيلاني ۽ ٻين ميمبرن کي چيو ته اهي پنهنجي نشستن تي هليا وڃن ان تي جاويد شاه ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته اوهان هر ڀيري منهنجو نالو ڇو پيا وٺو. شهلا رضا ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته مان عورت اسپيڪر آهيان ان لاءِ منهنجي ڳالهه نه ٿي ٻڌي وڃي. وزير قانون اياز سومرو چيو ته ميڊم سوري شهلا رضا چيو ته مان عورت اسپيڪر آهيان ان لاءِ پهريان ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون پوءِ سوري چيو وڃي ٿو. اپوزيشن بينچن تان شيم شيم جا نعرا لڳا قانون واري وزير چيو ته هي ماڻهو شيم شيم جا نعرا ڇو پيا هڻن ڊپٽي اسپيڪر چيو ته هي سندن عادت آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button