عدالت جو فيصلو
ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
ترڪي جي اعليٰ عدالت حڪومت جو تختو ڪَلٽي ڪرڻ جي الزام ۾ حاضر سروس ايئر چيف مارشل کي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو. مارشل بلگين بالانلي استنبول جي وار اڪيڊمي ۾ ڪمانڊر جا فرض سرانجام ڏئي رھيو ھو ۽ سندس شمار ملڪ جي سينئر ترين فوجي عھديدارن ۾ ٿيندو ھو، ايئر چيف جي آفيس ۽ ٻين ھنڌان ملندڙ دستاويزن جي روشني ۾ کيس جمھوري حڪومت جي خلاف سازشون ڪرڻ ۽ تختو ڪَلٽي ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي ملزم قرار ڏنو ويو آھي، ان الزام ۾ 211 اعليٰ فوجي آفيسر پھريان ئي گرفتار ٿي چڪا آھن ۽ جيلن ۾ سزائون ڀوڳي رھيا آھن. ايئر چيف جي گرفتاري سبب ملڪي قانونن جي تحت ھو ھاڻي ڪنھن بھ صورت ھوائي فوج جو سربراھھ مقرر نھ ٿو ڪري سگھجي، چاھي عدالت جي حتمي فيصلي ۾ کيس آزاد ئي ڇونھ ڪيو وڃي. ترڪ فوج جي ڪيترن ئي اعليٰ آفيسرن تي حڪومت جو تختو ڪَلٽي ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ انتشار ڦھلائڻ جي الزام ۾ پھرين کان ڪيس ھلي رھيو آھي. ترڪي جي اڳوڻي صدر ڪينان ايورن کي بھ جلد ئي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ان اڳوڻي فوجي جنرل کان ملڪ ۾ مارشل لاڳو ڪرڻ جا سبب پڇا ويندا ۽ ان ڳالھھ جا واضح شاھد آھن تھ ترڪي جي ھٿياربند فوج جي ان اڳوڻي سربراھھ کي بھ گرفتار ڪيو ويندو. ھڪ بين الاقوامي نيوز ايجنسي جي مطابق پارلياماني چونڊن کان ٻھ ھفتا اڳ اِن نئين پيشرفت سان جمھوري حڪومت جي خلاف فوج جي غم ۽ غصي ۾ واڌ ٿي سگھي ٿي ۽ ڇڪتاڻ وڌي سگھي ٿي. ترڪي جي فوجي جرنيلن جي طرفان حڪومت جو تختو ڪَلٽي ڪرڻ جي سازش جو انڪشاف ھڪ سال اڳ ٿيو ھو سازشي عنصرن جمھوري حڪومت جي خاتمي جي لاءِ ملڪ ۾ ھنگاما آرائي ڪرڻ جو پروگرام رِٿي رھيا ھئا، ملڪ ۾ مختلف ھنڌن تي بم ڌماڪا ۽ دھشتگردي جون وارڌاتون ٿيڻيون ھيون ۽ افراتفري جي الزام ۾ حڪومت جو ھنڌ کٽولو ويڙھيو وڃڻو ھو، پر اھا سازش وائکي ٿي وئي ۽ جمھوري حڪومت دليراڻا فيصلا ڪندي سازش ڪندڙ فوجي جرنيلن تي ھٿ وجھڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ترڪي ۽ پاڪستان جون حالتون ڪافي ملن جُلن ٿيون، ترڪي ۾ ڪئين ڀيرا فوجي حڪمرانن اقتدار سنڀاليو ۽ ڊگھي عرصي تائين حڪومت ڪئي. ھتي مذھبي روايتن جو سختي سان چيل آھي ۽ فوج کي ترڪي جي سيڪولر سسٽم جو محافظ سمجھو وڃي ٿو. ترڪي جي ھڪ اڳوڻي وزيراعظم عدنان ميندرس کي ھڪ فوجي عدالت سزاءِ موت ٻڌائي ھئي، ڪئين سال پھريان ڏني ويل ڦاسي جي ان سزا سان ترڪي سياسي انتشار ۽ افراتفري جو شڪار ٿي ويو ھو، بدامني جو اھو دور ڪافي عرصي ھليو ھو، ترڪي جي عوام جي اڪثريت اسلام سان گھڻو ويجھو آھي ۽ اسلامي روايتن تي سختي سان عمل ڪري ٿي، ترڪي ۾ ڊگھي عرصي تائين اقتدار ۾ رھندڙ فوجي حڪمرانن جي باوجود ترڪي کي ھڪ سيڪولر رياست ناھي بڻايو سگھيو ويو. اسلام پرست عوام جي نمائندگي ڪندڙ اسلامي جماعت تي ڪيترائي ڀيرا پابنديون لڳايون ويون، ترڪي جي آئيني عدالت فوجي حڪمرانن جي ھوڏ تي اسلام جي نمائندگي ڪندڙ ڪافي پارٽين تي پابنديون لڳايون پر جڏھن بھ عام چونڊون ٿيون نئين نالي سان بڻجندڙ اسلامي جماعت وڏي اڪثريت حاصل ڪئي. ترڪي جي موجودھ حڪمران پارٽي بھ اسلامي پارٽي آھي. صدر ۽ وزيراعظم ٻئي ان پارٽي سان تعلق رکن ٿا ۽ کين عوام جي وڏي حمايت بھ حاصل آھي ۽ ڪيترين ئي چونڊن ۾ اسلام پسند جماعت ڪاميابي حاصل ڪئي آھي.
ترڪي جڏھن فوجي حڪمرانن جي دور ۾ افراتفري ۽ بدامني جو شڪار ھو تھ ان وقت اقتصادي بدحالي پنھنجي عروج تي ھئي ۽ ھڪ وقت اھڙو بھ آيو ھو جڏھن ترڪي جا عالمي مارڪيٽ ۾ نا دھندھ ٿيڻ جا خدشا وڌي ويا ھئا پر جمھوري حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ترڪي بتدريج سنڀالجڻ شروع ٿيو ۽ اڄ دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتن ۾ ترڪي بھ صف اول جي ملڪن ۾ شامل آھي، جنھن جي برآمدات ..1 ارب ڊالر مان وڌي چڪي آھي. في ڪس آمدني تيزي سان يورپي ملڪن جي مقابلي ۾ پھچي رھي آھي، امن امان جي مثالي صورتحال جي ڪري بين الاقوامي سرمائيداري ۽ سياحت ۾ لڳاتار واڌ ٿي رھي آھي. گذريل سال .5 لک سياحن ترڪي جو سفر ڪيو، صرف سياحت مان ترڪي کي سالانا .1 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي آمدني ٿي رھي آھي. موجودھ جمھوري حڪومت جي دور ۾ ترڪي يورپي يونين ۾ شموليت جي لاءِ تيزي سان اھليت حاصل ڪري رھيو آھي ۽ ترڪي جي مخالفت تيزي سان گھٽجي رھي آھي. يورپي يونين جا ھڪ ٻھ ملڪ جيڪي ترڪي جي مخالفت ڪري رھيا آھن انھن وٽ بھ ھاڻي ڪو ٺوس جواز باقي ناھي رھيو، ڇوتھ ترڪي ۾ نھ ئي ڪا فوجي حڪومت آھي نھ ئي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا واقعا سامھون اچي رھيا آھن ۽ معاشي لحاظ کان بھ ترڪي ھڪ مضبوط ملڪ جي شڪل ۾ اُڀري آيو آھي. اھا صورتحال ترڪي ۾ ھر ھر اقتدار تي قبضو ڪندڙ آمراڻا ذھنيت کي قبول نھ آھي، ان لاءِ حڪومت جو تختو ڪَلٽي ڪرڻ جي لاءِ سازش ڪئي وئي ھئي پر حڪمران پارٽي عوام جي حمايت ۽ سياسي پارٽين جي اتحاد سبب طاقتور مافيا تي ھٿ وجھي ورتو. ھاڻي جيڪڏھن ترڪي ۾ مارشل لا لڳي ٿي تھ ان جي سموري ذميواري فوجي حڪمرانن تي لڳندي، ترڪي يورپي يونين ۾ شموليت جي منزل کان پري ٿي ويندو، ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ افراتفري ۽ ھنگاما آرائي سان بيروني قوتون فائدو وٺنديون ۽ ترڪي اقتصادي ترقي ھڪ خواب بڻجي ويندي. ترڪي ۽ پاڪستان جي حالتن جو جائزو وٺون تھ ڪيترن ئي معاملن ۾ ھڪجھڙائي نظر اچي ٿي..