ڪراچي

صوماليه ۾ سامونڊي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل چئن پاڪستانين سميت 22 ماڻهو ڀنگ ڀري آزاد

relatives pak seamen APP 54
ڪراچي: صوماليه ۾ سامونڊي ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل چئن پاڪستانين سميت 22 ماڻهو پاڪستان حڪومت جي ڪوششن سان آزاد ٿي ويا، 9 مهينا اڳ سامونڊي ڌاڙيلن جهاز کي ڪيپٽن وصي ۽ مسافرن سميت يرغمال بڻائي ورتو هو، جن رقم جي ادائيگي تي يرغمالين کي جهاز سميت ڇڏي ڏنو آهي. مغوين جي آزادي جو اعلان گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ سماجي اڳواڻ انصار برني گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ته متاثر خاندان جي اکين مان خوشي جا ڳوڙها نڪري آيا، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد چيو ته مغوين جي آزادي لاءِ 11 لک ڊالر رقم ادا ڪئي وئي، جڏهن ته انصار برني صدر آصف علي زرداري، مصر ۾ پاڪستاني سفارتڪار ۽ ڊاڪٽر عشرت العباد جو شڪريو ادا ڪندي سندن ڪوششن کي ساراهيو، آزاد ٿيل ماڻهن ۾ 4 پاڪستاني، 8 ڀارتي، 11 مصري ۽ هڪ سريلنڪن شهري شامل آهن، هوڏانهن آزاد ٿي آيل ڪيپٽن وصي چيو ته اسان سان ڌاڙيل ناروا سلوڪ ڪندا هئا، 3 ڀيرا اسان کي مارڻ جي ڪوشش به ڪئي ويئي.
مانيٽرنگ نيوز ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button