صوفين جو فلسفو هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي : سسئي پليجو
خيرپور: سنڌ جي صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته صوفين جو فلسفو هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي جڏهن ته انسانيت جي بقا ۽ سلامتي لاءِ صوفين وارو فلسفو ئي مسئلن جو حل آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ صوبي جي عظيم صوفي بزرگن جي فلسفي جي ڪري سنڌ ۾ لبرل سوچ جا ماڻهو موجود آهن جڏهن ته دنيا ۾ هلندڙ دهشتگردي جي لهر ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي مثبت تصور جي جوڙڻ ۾ سنڌ ۾ رائج صوفي بزرگن جي فلسفي جو وڏو هٿ آهي . هن چيو ته شاهه لطيف، سچل ۽ سامي جي پيغام کي وڌيڪ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان معاشري ۾ امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ٿيندي. هن اهڙو اظهار آچر شام سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ سچل يادگار ڪاميٽي پاران سچل آڊيٽيوريم خيرپور ۾ سچل سيمينار جي نالي سان ٿيل ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻول ڪندي ڪيو. صوبائي وزير چيو ته ملڪ اندر ۽ خاص طور تي صوبي جي صوفين جي پيغام تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ثقافت کاتي پاران وڌيڪ تحقيقي مرڪز قائم ڪيا ويندا جڏهن ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ثقافت کاتي پاران صوبي جي صوفين جي پيغام کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کنيا ويا آهن. هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي ٻُڌايو ته موجوده حڪومت جي 18 هين ترميم جي نتيجي ۾ ثقافت کاتو مڪمل طور تي صوبن حوالي ٿيندو پر وفاقي حڪومت پاران کاتي لاءِ رکيل فنڊ منتقل ڪيا وڃن ته جيئن ثقافت کاتو موثر انداز سان ڪم ڪري سگهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته پنجاب حڪومت ڪالا باغ ڊيم جي لاءِ رقم رکڻ ننڍن صوبن اندر نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش آهي جنهن سان صوبن اندر اختلاف پيدا ٿيندا. ان موقعي تي صدارتي تقرير ڪندي سنڌي ٻولي جي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي چيو ته شاهه لطيف ۽ سچل سرمت شاعري جي ڪتيرين ئي صنفن سان گڏو گڏ ڪلاسيڪل موسيقي جا پڻ ڄاڻو هئا. اهو ئي سبب آهي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي وڌيڪ چيو ته موسيقي جي ڄاڻن جو ماڻهن مٿان وڏو اثر ٿئي ٿو، هن چيو ته افغنستان، پاڪستان، ۽ ڀارت جي اڪثر علائقن ۾ ڪلاسيڪل راڳ جا پرستار اڄ به موجود آهن. اهو وجد ڪلاسيڪل موسيقي سبب آهي. تقريب کي ثقافت کاتي جو سيڪريٽري عبد العزيز عُقيلي آجياڻي واري تقرير ۾ خطاب ڪندي چيو ته گذريل سال ٻوڏ جي تباهي سبب حضرت سچل سرمت جي عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو نه ٿي سگھڻ ڪري هاڻ سچل سيمينار ۽ مشاعرو ڪوٺايو ويو هو. هن چيو ته ثقافت کاتي پاران سچل سرمست جي درگاهه تي سچل ڪامپليڪس تيار ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ عرس جون تقريبون ان ڪامپليڪس منعقد ڪرايون وينديون. ان موقعي تي تقريب کي سچل سرمست جو درگاهه نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي، وڏي وزير جو پوليٽڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو، سچل يادگار ڪاميٽي جو چيئرمين ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، پروفيسر الطاف آثيم، ڊاڪٽر ادل سومرو، مختيار ملڪ، اياز گُل، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، قاضي مقصود گُل، حزب الله سومرو، اختر درگاهي، امر اقبال، حسن شيخ ، انور پرديسي، جواڻ جانب سومرو ۽ ٻين سچل سرمست جي شاعري ۽ شخصيت جي حوالي سان مقالا پڙهيا ۽ شاعري پيش ڪئي. جڏهن رات جو شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ راڳ رهاڻ جي محفل منعقد ڪرائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن سچل جو ڪلام پيش ڪيو. ان موقعي تي قربان منگي جو مرتب ٿيل ڪتاب سچل سرمست رح يادگار ڪاميٽي ( تعارف ۽ پسِ منظر) جي مهورت پڻ ڏني وئي.