آرٽيڪل

صدر جو خطاب

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
Zardariصدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آھي تھ سمورا رياستي ادارا پنھنجي آئيني حدن ۾ رھن، پارليامينٽ جا اختيار ڪنھن کي بھ غصب ڪرڻ نھ ڏينداسين. پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ سياسي پارٽين جو ھڪٻئي کي چيلينج ڪرڻ غير جمھوري طرز عمل آھي، چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خدشي کي ھميشھ جي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو آھي، عسڪريت پسندي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي پاڪستان جي امن استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آھي، تباھھ ٿيل معيشت حڪومت کي ورثي ۾ ملي آھي، حڪومتي قدمن سان ملڪي معيشت ۾ بھتري جا آثار نظر اچي رھيا آھن. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي لڳاتار چوٿين سال خطاب ڪندڙ پاڪستان جي پھرين چونڊيل صدر توانائي جي گھر ج ۽ پھچ ۾ عدم توازن جي خاتمي اندروني ۽ بيروني قرضن ۾ گھٽتائي، ٽيڪسن جي دائريڪار ۾ واڌ، سرڪاري ادارن جي نئين جوڙجڪ ۽ معاشي مسئلن جي حل جي لاءِ پنج نڪاتي ايجنڊي تي اتفاق ر اءِ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي ڳالھائڻ جي دعوت ڏني آھي. صدر چيو تھ سمورا فيصلا گڏجي ڪيا وڃن، قومي اتحاد ۽ يڪجھتي جي ذميواري سياسي قيادت تي پوي ٿي، قوم کي ونڊڻ ڪنھن جي مفاد ۾ نھ آھي، ان سان نھ صرف جمھوريت ڪمزور ٿئي ٿي پر پاڪستان جي استحڪام تي بھ برو اثر پوي ٿو. آئين جي بحالي پاڪستان جي جمھوري قوتن جو ھڪ تمام وڏو ڪارنامو آھي ۽ ان ڳالھھ جو دليل آھي تھ ملڪ جي سياسي قيادت درپيش چيلينجن سان چٽي ريت واقف آھي ۽ پنھنجو ڪردار سھڻي نموني ادا ڪري رھي آھي. تاريخ ۾ ڪافي گھٽ شخصيتن پنھنجا اختيار ڇڏيا پر صدر جي طور تي مون پنھنجا سمورا آئيني اختيار ڇڏي ڏنا. اھي اختيار آمرن غصب ڪيا ھئا جمھوري صدر اھي اختيار واپس ڪري ڇڏيا.
صدر مملڪت آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تھ آزاداڻا ۽ شفاف چونڊون پاڪستاني عوام جو حق آھي ۽ اھ وحق ان وقت تائين عوام کي منتقل نھ ٿو ٿي سگھي جيستائين صحيح ۽ حقيقي چونڊيل نمائندا حڪومت سازي نھ ڪن، شفاف چونڊن جي لاءِ راءِ ڏيندڙن جون جامع، مڪمل ۽ معتبر چونڊ واريون فھرستون ضروري آھن ۽ ان جي ذريعي جعلي ووٽن کي استعمال ڪري عوام جي ووٽ چورائڻ جي عمل کي روڪي سگھجي ٿو. راءِ ڏيندڙن جي داخلا ۽ شناختي ڪارڊ جي شرط لازمي بڻائڻ جي لاءِ بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو آھي. 91ھين ترميم جي ذريعي تعليم ۽ صحت جا شعبا صوبن ڏانھن منتقل ڪيا ويا آھن. اعتدال پسند ۽ روشن خيال پاڪستان جي خواب جي تعبير جي لاءِ انتھاپسندي ۽ دھشتگردي جو خاتمو تمام ضروري آھي، ھٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن دھشتگردي جي خاتمي لاءِ بي پناھھ قربانيون ڏنيون آھن. گذريل ٻن سالن جي دوران 81 سئو ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي آھي. صدر چيو تھ اسان کي ورثي ۾ تباھھ حال معيشت ملي ھئي، معاشي استحڪام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن تھ گذريل سال تباھھ ڪندڙ ٻوڏ ۽ برساتن ملڪ کي ھڪ نئين معاشي بحران جو شڪار ڪري ڇڏيو. ملڪي معيشت کي .1 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو. مشڪل صورتحال ۽ پيچيدھھ اقتصادي معاملن سبب پاڪستاني معيشت شديد بحران جو شڪار ھئي ۽ سخت فيصلا ڪرڻ ضروري ھو. حڪومت موثر حڪمت عملي، مالياتي ڊسپلين، ٽيڪسن جي دائريڪار ۾ واڌ ۽ توانائي جي شعبي ۾ عدم توازن جي خاتمي جي لاءِ لڳاتار قدم کنيا جنھن جا نتيجا بتدريج سامھون اچي رھيا آھن.
صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنھنجي خطاب ۾ جن معاملن جي نشاندھي ڪئي آھي ان کان ڪنھن بھ پاڪستاني کي انڪار نھ آھي، گذريل سال جڏھن ملڪي معيشت بتدريج ساڍي چار سيڪڙو جي شرح نمو جو ھدف حاصل ڪرڻ تي ھئي تھ تباھھ ڪندڙ برساتن ۽ ٻوڏ ملڪ جي ھڪ تمام وڏي حصي کي پنھنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو. 87 ضلعا ان مان براھِ راست متاثر ٿيا، ٻنيون ٻارا، رستا، پليون، گھر بازار، آئل ريفائنريز، ڪارخانا ڇا نھ انھن برساتن ۽ ٻوڏ مان متاثر ٿيو، پر مختصر عرصي ۾ ان بدترين بحران تي ضابطو آندو ويو ۽ نئين سرِ اڳتي سفر جي شروعات ڪئي وئي، صرف .1 مھينن جي دوران جيڪي اقتصادي ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون آھن اھي پوري دنيا جي سامھون آھن. بيروني ملڪ رھندڙ پاڪستانين جي طرفان ترسيلات زر ڪڏھن بھ 9 ارب ڊالر مان نھ ٽپي سگھي ھئي پر ھن سال بيروني ملڪ رھندڙ پاڪستانين جي طرفان موڪلي ويندڙ رقم 11 ارب ڊالر مان بھ ٽپي ويندي. اھو صرف ان جي ڪري ٿيو آھي جو گذريل ٽن سالن جي دوران حڪومت ھڪ منظم ۽ گڏيل حڪمت عملي جي تحت ھزارين ھنرمندن کي بيروني ملڪ موڪليو جيڪي نھ صرف پنھنجي گھراڻن جي ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻيا پر ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ بھ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ لڳا. پاڪستان جي برآمدات ملڪي تاريخ ۾ ڪڏھن بھ 81 ارب ڊالر مان ٽپي نھ سگھي آھي، پر اھو بھ پھريون ڀيرو ٿي رھيو آھي جو برآمدات 42 ارب ڊالر تائين پھچڻ جي اميد آھي. پاڪستاني معيشت ۾ ھڪ ٻي انھوني زرمبادلي جا ذخيرا ساڍا 71 ارب ڊالر تائين پھچڻ آھي اھو صرف ان جي ڪري ممڪن ٿي سگھيو ڇوتھ حڪومت پنھنجي ترجيحات واضح ڪري رکي ھئي ۽ ان تي خلوص ۽ عزم سان عمل ڪيو ويو، ائين زرمبادلي جا ذخيرا 71 ارب .5 ڪروڙ ڊالرن تائين پھچي ويا. ھڪ ٻيو ڪارنامو افراط زر جي شرح ۾ حيرت انگيز گھٽتائي آھي، گذريل سال ملڪ ۾ افراط زر جي شرح 52 سيڪڙو تائين پھچي وئي ھئي پر ھاڻي ان ۾ گھٽتائي جو رجحان شروع ٿي چڪو آھي ۽ مھانگائي جي شرح گھٽجي 21 سيڪڙو تائين اچي وئي آھي.
پاڪستان جي ذمي بيروني قرضن جو حجم 55 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آھي، جيڪڏھن ان مان 71 ارب .5 ڪروڙ ڊالر جي زرمبادلي جي ذخيرن کي گھٽايو وڃي تھ بيروني قرضن جو حجم 83 ارب ڊالر تائين رھجي وڃي ٿو. اھو ئي سبب آھي جو زرمبادلي جي تسلي بخش ذخيرن جي ڪري پاڪستاني روپي جي قيمت بين الاقوامي ڪرنسين جي مقابلي ۾ مستحڪم ٿي رھي آھي. ڊالر جنھن جي باري ۾ خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي تھ اھو .21 رپين تائين پھچي ويندو، 58 رپي جي قيمت تي بيٺو آھي ۽ ايندڙ مھينن ۾ ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ گھٽتائي جا اندازا لڳايا پيا وڃن. اھڙي ريت بيروني ملڪ رھندڙ پاڪستانين جي طرفان ترسيلات زر ۽ 42 ارب ڊالر جي برآمدات بھ پاڪستان جي بيروني اڪائونٽس جي استحڪام جو سبب بڻجندي. دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ حڪومت جون ڪاميابيون واضح طور تي نظر اچي رھيون آھن. ھٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين جي ڪري اڄ مالاڪنڊ ڊويزن ۽ سوات کي عسڪريت پسندن ۽ دھشتگردن مان پاڪ ڪيو ويو آھي. معمول جي زندگي بحال ڪئي وئي آھي، اھڙي ريت ڏاکڻي وزيرستان ۾ امن قائم ٿي چڪو آھي، مھمند ايجنسي ۾ ھاڻوڪي ڪارروائي جا نتيجا بھ بتدريج سامھون اچي رھيا آھن. بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ ٺوس ۽ منظم حڪمت عملي تي ڪم ٿي رھيو آھي ۽ مستقبل قريب ۾ بلوچستان ۾ امن خوشحالي ۽ ترقي جو سفر تيزي سان شروع ٿي ويندو. سياسي ڇڪتاڻ ۽ محاذ آرائي جي خاتمي جي لاءِ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي قومي ھم آھنگي جي ويزن تي حڪومت عمل پيرا آھي، جنھن جا نتيجا بھ سامھون اچي رھيا آھن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button