اسلام آباد

صدر آصف علي زرداري ۽ افغان صدر حامد ڪرزئي جي وچ ۾ دهشتگردي، ٻطرفي راهداري معاهدي، خطي جي امن ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه

pre pm afghanguardofhonourاسلام آباد : صدر آصف علي زرداري پاڪ افغان ٻطرفي راهداري واپار معاهدي کي وچ ايشيائي رياستن سان ٽه ڌري راهداري واپار معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان خطي جي ترقي لاءِ نئين دور جي شروعات ٿيندي، ٻنهي ملڪن کي شدت پسندي ۽ دهشتگردي کي گڏجي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن جمعي ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ افغان صدر حامد ڪرزئي سان ون ٽو ون ۽ بعد ۾ ٻنهي صدرن جي سربراهي ۾ وفدن جي سطح تي ٿيل ملاقات دوران ڪيو. وفدن جي سطح تي ڳالهين ۾ افغانستان پاران اعليٰ امن ڪائونسل جو چيئرمين برهان الدين رباني، پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ظلمي رسول، دفاعي وزير جنرل عبدالرحيم وردڪ، گهرو وزير بسم الله محمدي، توانائي جو وزير محمد اسماعيل خان، واپار جو وزير انوارالحق احدي، تعليم جو وزير ڊاڪٽر فاروق وردڪ ۽ افغانستان جو سفير محمد عمر دائودزئي شامل هئا. جڏهن ته پاڪستاني وفد ۾ صنعتن ۽ پيداوار، دفاعي پيداوار، واپار، گهرو، ناڻي، پاڻي ۽ بجلي ۽ سيفران جا وزير شامل هئا. پاڪستاني وفد ۾ اعليٰ عملدار پڻ شامل هئا. صدارتي ترجمان ۽ افغانستان ۾ پاڪستان جو سفير پڻ صدر جي وفد ۾ گڏ هئا. صدر جي ترجمان فرحت الله بابر ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ٻطرفي لاڳاپن، پاڪ افغان راهداري واپاري معاهدي، شدت پسندي ۽ دهشتگردي جي گڏيل خطري، گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت، رابطا وڌائڻ لاءِ مختلف طريقن ۽ وڏن منصوبن بابت معاملن توڙي خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي صدرن جي وچ ۾ ملاقات انتهائي خوشگوار ۽ تعميري انداز ۾ ٿي، جنهن ۾ گڏيل ڳڻتي وارن معاملن، لاڳاپن جي سڀني رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي صدرن ترقياتي ايجنڊا کي اولين ترجيح ڏيڻ ۽ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ۽ ان کانسواءِ سيڪيورٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گڏيل رابطن، انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي جو عمل اڳتي وڌي سگهي. ٻنهي اڳواڻن پشاور، جلال آباد، هيرات ايڪسپريس وي ۽ پشاور، جلال آباد رابطن جهڙن وڏن منصوبن تي عملدرآمد لاءِ نظام جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهه ٻولهه ۾ ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت گئس پائيپ لائين ۽ ڪاسا 1000 منصوبن کي لاڳو ڪرڻ ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺندي انهن تي عمل جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪ افغان راهداري واپاري معاهدي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته اها ڳالهه حوصلو ڏيندڙ آهي ته ٻئي ملڪ راهداري واپاري معاهدي لاءِ عملدرآمد وارن تفصيلن جي باري ۾ سمجهوتي جي ويجهو پهچي چڪا آهن. هن چيو ته هي معاهدو ٻنهي ملڪن لاءِ نوان موقعا پيش ڪري ٿو.
(اي پي پي)

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button