اسلام آباد

صحافي سليم شهزاد ڪيس جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم، جسٽس ثاقب نثار پاران سربراهي ڪرڻ کان انڪار

infomin announcingاسلام اباد: اسلام آباد ۾ بيدردي سان قتل ٿيل سينيئر صحافي سليم شهزاد ڪيس بابت حڪومتي ڪميشن تڪراري بڻجي وئي، حڪومت پاران جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻ بعد جسٽس ثاقب ڪميشن جي سربراهي کان معذرت ڪري ڇڏي، تفصيل موجب حڪومت صحافي سليم شهزاد جي قتل ڪيس جي تحقيقات لاءِ ڪميشن جوڙي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، 5 رڪني ڪميٽي 6 هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي، ذريعن موجب جسٽس ثاقب کي مقرر ڪرڻ تي چيف جسٽس سان مشورو نه ڪيو ويو، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن ۾ جسٽس آغا تيمور ايڊيشنل آءِ جي انويسٽيگيشن پنجاب، بي ايف يو جي صدر ۽ ڊپٽي ڊي آءِ جي وفاقي پوليس ميمبر هوندا، جڏهن ته چيف جسٽس سان صلاح مشورو نه ڪرڻ تي جسٽس ثاقب ڪميشن جو سربراهه ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، جسٽس ثاقب هڪ ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪميشن جو ميمبر ٻيا سربراهه مقرر ڪرڻ کان اڳ چيف جسٽس سان مشورو ڪرڻ لازمي آهي، چيف جسٽس سان صلاح مشورو ڪرڻ کانسواءِ ڪميشن جو سربراهه نٿو ٿي سگهان، هن چيو ته هو چيف جسٽس جي منظوري کان پوءِ صحافي سليم شهزاد جي ڪميشن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، جڏهن ته اطلاعات واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سليم شهزاد جي قتل جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي آهي، ان معاملي تي ڪير به سياست نه ڪري، اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته صحافين جي مطالبي تي سليم شهزاد قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي آهي، ان ۾ مشورن سان گڏ تبديلي ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته ان معاملي تي سياسي اداڪاري يا دڪانداري نه ڪئي وڃي، ميڊيا ۽ جمهوريت هڪ گاڏي جا 2 ڦيٿا آهن، اسان صحافين جي جذباتن جو احترام ڪريون ٿا ٻي طرف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عاصمه جهانگير چيو آهي ته حڪومت جسٽس جاويد اقبال جي نوٽيفڪيشن کي موثر بنائڻ لاءِ صحافين جي ڪنڌ تي بندوق رکي هلائي رهي آهي، هن چيو ته ان بابت چيف جسٽس ۽ جسٽس ثاقب نثار سان مشورو به نه ڪيو ويو، انهن جي مرضي کان بغير ڪو به نوٽيفڪيشن جاري نٿو ڪري سگهجي، حڪومت سنجيدگي کان ڪم وٺي، ججن کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button