شڪارپور

شڪارپور ۾ٻن سپاهي ڀائرن هٿان 2 سڳا ڀائر فائرنگ ڪري قتل، هڪ نوجوان کي ٿاڻي آڏو گوليون هنيون ويون

shikarpur 315x252شڪارپور (م ڊ): شڪارپور ۾ ٻن سپاهي ڀائرن پاران ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ ڀاءُ کي شڪارپور وچ شهر ۾ ٿاڻي آڏو جڏهن ته ٻئي ڀاءُ کي ڊکڻ لڳ قتل ڪيو ويو، جوابدار وچ شهر ۾ ڪارروائي ڪرڻ بعد آساني سان فرار، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، سندن گهر ۾ ماتم، روڄ راڙو. تفصيل موجب گذريل ڏينهن شڪارپور وچ شهر ۾ لکيدر ٿاڻي آڏو چؤڪ تي ڊکڻ لڳ ڳوٺ فقير جو رهواسي 32 سالا نوجوان عيوض پٽ وزير ککراڻي ڪنهن ڪم سانگي شهر آيل هو ۽ لکيدر چؤڪ تي هوٽل ٻاهران بيٺو هو ته موٽرسائيڪل سوار هڪ جوابدار مٿس سڌا فائر ڪري ٿڏي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ جي آواز تي وڏي انگ ۾ شهري واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا جڏهن ته سامهون لکيدر ٿاڻو هئڻ باوجود پوليس بروقت نه پهتي ۽ جوابدار آساني سان فرار ٿي ويو، ٻڌايو وڃي پيو ته جوابدار جي سڃاڻپ علي حسن ککراڻي طور ٿي جيڪو نيوفوجداري ٿاڻي تي سپاهي آهي ۽ جنهن پنهنجي سرڪاري رائيفل سان نوجوان کي قتل ڪيو، هوڏانهن مقتول جو لاش سول اسپتال شڪارپور پهچايو ويو جڏهن ته وارثن کي پڻ اطلاع ڪيو ويو مقتول جا وارث لاش کڻائڻ لاءِ شڪارپور پهتا جيڪي لاش کڻائي ڊکڻ لڳ فقير ڳوٺ پهتا جتي جوابدار ۽ مقتول جي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ان دوران جوابدار جي هڪ ٻئي ڀاءُ امداد ککراڻي جيڪو پڻ سپاهي ٻڌايو وڃي پيو مقتول جي ننڍي ڀاءُ 20 سالن جي معشوق کي گوليون هڻي ٿڏي تي قتل ڪيو جڏهن ته جهيڙي ۾ اطلاع آهن ته جوابدار امداد ککراڻي جي زال مسمات زيبل پڻ زخمي ٿي پئي، هوڏانهن ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ٿيڻ کان پوءِ مقتول واري ڌر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ وارث ماتم ڪندا رهيا، واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڊکڻ پوليس ڳوٺ فقير پهتي پر مک جوابدار فرار ٿي چڪو هو، ڊکڻ پوليس جوابدارن جي عيوضي ۾ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، معلوم ٿيو آهي ته جوابدار ۽ مقتول واري ڌر ۾ ڪجهه سال اڳ ڪمند جي ڀيل تان جهيڙو ٿيو هو جيڪو خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو ۽ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 3 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن آخري اطلاعن تائين ٻنهي سڳن ڀائرن جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button