شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ جي ٻي ٻارڙي به آزاد، 3 يرغمالي اڃا قيد

Qambarشهدادڪوٽ (م ڊ) شهدادڪوٽ جي شاهي بازار مان 9 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل چئن سالن جي ٻارڙي سهانا سيلرو بلوچستان جي شهر اوسته محمد مان آزاد ٿي گهر پهچي ويئي آهي. اڻ ڄاتل ماڻهن سهانا سليرو جي والد ممتاز علي سيلرو کي موبائل فون وسيلي اطلاع ڏنو ته سهانا کي اوسته محمد جي سرڪاري اسپتال مان کڻي وڃي، اهڙي اطلاع کان پوءِ ٻارڙي جا وارث ۽ سيلرا برادري جا چڱا مڙس شهدادڪوٽ کان اوسته محمد پهچي سهانا کي کڻي آيا، ان سلسلي ۾ سهانا سيلرو جي والد ممتاز علي سيلرو ”عوامي آواز“ کي ٻڌايو ته نياڻي جي آزادي لاءِ پنهنجي برادري جي سوين ماڻهن سان گڏ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاج تي ويٺو هيس ته موبائل فون وسيلي اڻ ڄاتل ماڻهو فون ڪري اطلاع ڏنو ته سهانا کي بلوچستان جي شهر اوسته محمد جي سرڪاري اسپتال کان کڻي وڃو، جنهن بعد اسان سهانا کي کڻي آياسين. هوڏانهن نينگري جي آزاد ٿي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي ويئي، جڏهن ته ٻارڙي کي ڏسڻ لاءِ شهرين جو وڏو انگ موجود هو، يادرهي ته شهدادڪوٽ مان اغوا ٿي ويل 3 سالن جي ٻارڙي زڪيا بروهي به اوسته محمد شهر جي سرڪاري اسپتال مان آزاد ٿي هئي، هوڏانهن مغوي دليپ ڪمار، محمد بچل مستوئي ۽ محمد عطر مستوئي کي پوليس اڃا تائين آزاد ڪو نه ڪرائي سگهي آهي. جڏهن ته آزادي لاءِ ڪالهه شهر جي مڙني سياسي، سماجي تنظيمن سميت سليرا برادري جي وڏي انگ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي. جتي اڳواڻن ڪامريڊ قادر بخش سيلري، ڪامريڊ محمد صالح سيلري، نصير سيلري، ذوالفقار مگسي، غلام حسين سيلري، بگڙ خاراني، گهنور بروهي، عبدالنبي سيلري ۽ ٻين چيو ته اغوا جي وڌندڙ وارداتن شهدادڪوٽ جي شهرين ون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن، پر پوليس آرام ڪري رهي آهي. هنن گهر ڪئي ته مغوين کي جلد آزاد ڪرائي متاثر خاندان مان مايوسي ختم ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button