خبرون

سکر ضلعي ۾ 13 جون کان 15 جون 2011، تائين هلائي ويندي: ڊي سي او سکر

dco polio dropsسکر: ڊي سي او سکر انعام الله خان ڌاريجو صحت کاتي ۽ واسطيدار آفيسرن سان پوليو خلاف مهم هلائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي. ڊي سي او واسطيدار آفيسرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوليو مهم صوبي جي ٻين علائقن وانگر سکر ضلعي ۾ 13 جون کان 15 جون 2011، تائين هلائي ويندي. هن واسطيدار آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته هو هن عمل کي انساني خدمت سمجھي صحيع نموني سان سرانجام ڏين. هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته جن ٻارن جا والدين پوليو جا قطرا پيئارڻ کان انڪاري آهن انهن کي يو سي سيڪريٽرين، مذهبي علمائن، اين جي اوز جي سهڪار سان تعلقي ۽ يوسي ليول تي راغب ڪن ته جيئن اسان پنهنجي ضلعي جي ٻارن کي پوليو جي مرض کان بچائي سگھون. هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو جا قطرا پيئارڻ کان رهجي ويل ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارين

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button