اسلام آباد

سپريم ڪورٽ ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 30 ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو:چيف جسٽس

khikilling2 185443 186208 640x480اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ رينجرس هٿان نوجوان جي مارجڻ واري واقعي تي سنڌ جي آءِ جي ۽ ڊائريڪٽر جنرل رينجرز کي ٽن ڏينهن ۾ عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واقعي جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي سلطان خواجه مقرر 7 ڏينهن ۾ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته رينجرز کي گولي هلائڻ جو اختيار ناهي. اها ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ بدران پاڻ قتل ڪري رهي آهي. ڪالهه سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ چيف جسٽس افتخار چوڌري جي سربراهي ۾ ڪراچي ۾ رينجرز هٿان نوجوان سرفراز شاهه جي مارجڻ واري واقعي جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي. ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري حڪم ڏنو ته سنڌ جي آءِ جي فياض لغاري ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کي 3 ڏينهن ۾ پنهنجي عهدن تان هٽايو وڃي ۽ جيڪڏهن حڪومت ٽن ڏينهن ۾ ٻنهي عملدارن کي موجود عهدن تان بدلي نه ڪيو ته عدالت پاڻ انهن جي خلاف قدم کڻندي. چيف جسٽس افتخار چوڌري پاران جاري ڪيل حڪم ۾ اڪائونٽنٽ جنرل کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته ٻنهي عملدارن جون پگهارون به روڪيون وڃن. جڏهن ته عدالت واقعي جي جاچ ڪراچي ويسٽ جي ڊي آءِ جي سلطان خواجه جي حوالي ڪندي کيس هدايت ڪئي آهي ته 7 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي ۽ عدالت 30 ڏينهن ۾ روزانو جي بنياد تي ڪيس هلائي فيصلو ڏيندي. حڪم جاري ڪرڻ کان اڳ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سنڌ جي آءِ جي فياض لغاري ۽ ڊائريڪٽر جنرل رينجرز سنڌ کي چيو ته 2 ڏينهن گذري ويا آهن، سڄي قوم کي واقعي جا منظر ڏسي ننڊ نه آئي آهي ۽ توهان ڪو به قدم نه کنيو آهي. چيف جسٽس چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، پنجاب ۾ به ماڻهو ماريا پيا وڃن، ان کان اڳ خروٽ آباد ۾ پرڏيهين کي دهشتگرد قرار ڏئي قتل ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي هٽائڻ جو چيو ۽ اٽارني جنرل کي چيو ته هو ان سلسلي ۾ وزيراعظم سان مشورو ڪري عدالت کي ٻڌائي، ان موقعي تي گهرو سيڪريٽري کي به هدايت ڪئي وئي ته هو وزير اعظم سان رابطو ڪري ٻنهي عملدارن کي هٽايو وڃي. عدالت گهرو سيڪريٽري ۽ اٽارني جنرل کي اڌ ڪلاڪ جو وقت ڏنو ۽ ٻڌڻي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪئي وئي ۽ وقفي کان پوءِ ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز به پيش ٿيا. ان موقعي تي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم پارليامينٽ ۾ موجود آهي، ان ڪري ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو آهي ۽ هن خود پارليامينٽ جي فلور تي ان واقعي جي جاچ جي نگراني ڪرڻ جو چيو آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اها ڪا ڳالهه ناهي. چيف جسٽس ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن پڻ طلب ڪيو ، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سول انتظاميا جي مدد لاءِ رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي ٿو، ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته آئين موجب رينجرز کي گوليون هلائڻ جو اختيار ناهي ۽ ڪراچي ۾ قتل ٿيل نوجوان سڄي قوم جو پٽ آهي ۽ رينجرز کي ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ لاءِ گهرايو ويو پر اها خود ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري رهي آهي. چيف جسٽس چيو ته حڪومت خود آءِ جي سنڌ فياض لغاري ۽ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اعجاز چوڌري بابت فيصلو ڪري نه ته عدالت پنهنجو حڪم ٻڌائيندي ۽ اهو انهن عملدارن جي ڪيريئر لاءِ بهتر نه هوندو. عدالت چيو ته آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز جي موجودگي ۾ ڪيس جي جاچ شفاف نموني نه ٿيندي تنهن ڪري انهن کي موجوده عهدن تان هٽائي ٻئي صوبي ۾ مقرر ڪيو وڃي. عدالت ۾ واقعي جي وڊيو رڪارڊنگ پڻ ڏيکاري وئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهو وڊيو ڏسڻ کان پوءِ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي فوري طور تي پنهنجي عهدن تان استعيفائون ڏيڻ گهرجن ها. ٻڌڻي دوران وفاقي گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته رينجرز جو انتظامي ڪنٽرول وفاق وٽ هوندو آهي پر هڪ نوٽيفڪيشن وسيلي رينجرز جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه سالن کان اهو نوٽيفڪيشن هر 3 مهينن کان پوءِ جاري ڪيو ويندو آهي. ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ فياض لغاري عدالت کي ٻڌايو ته نوجوان جو موت اسپتال ۾ ٿيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته عدالت ۾ بيهي ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين، ان موقعي تي چيف جسٽس افتخار چوڌري چيو ته واقعي جي رڪارڊنگ ڪندڙ ٽي وي ڪيمرامين کي پڻ ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جڏهن ته واقعي واري هنڌ جي رڪارڊنگ ڪندڙ سنڌي ٽي وي چينل جو ڪيمرامين عبدالسلام سومرو ۽ واقعي واري هنڌ تي ساڻن گڏ آواز ٽي وي اسلام آباد جو بيورو چيف زاهد کوکر پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ هنن ڌمڪين بابت عدالت کي آگاهي ڏني، جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته رينجرز جا جيڪي اهلڪار پوليس حوالي نه ڪيا ويا آهن، انهن کي به پوليس حوالي ڪيو وڃي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button