سنڌ ۽ پنجاب ۾ سڀاڻي سامونڊي طوفان جو خطرو، سمنڊ ڏانهن نه وڃڻ جون هدايتون
ڪراچي ( م ڊ) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان جي حوالي سان اڄ تائين صورتحال واضح ٿي ويندي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي وارن علائقن ۾ ماڻهن کي سمنڊ ڏانهن نه وڃڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ڊي جي موسميات عارف محمود جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سامونڊي طوفان جي حوالي سان صورتحال اڄ تائين واضح ٿي ويندي. ٻئي طرف ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف ميٽرولوجسٽ نعيم شاهه مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي. نعيم شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي جي ڏکڻ اوڀر ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ موجود آهي، جيڪو وچولي طوفان جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته جمعي تائين سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ ۾ برسات پئجي سگهي ٿي،جڏهن ته سسٽم جي نگراني ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي مهاڻن ۽ عام ماڻهن کي لائوڊ اسپيڪرن ذريعي سمنڊ ڏانهن نه وڃڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ٺٽي، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ سامونڊي طوفان جي خطري کي نظر ۾ رکندي ڪجهه ڏينهن تائين ماڻهن کي سمنڊ جو رخ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. گوادر ۾ ڊپٽي ڪمشنر فشريز مهاڻن کي هوڙا ڪناري تي بيهارڻ ۽ سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي،جڏهن ته عام ماڻهن کي به ٻن يا ٽن ڏينهن تائين سمنڊ ڏانهن نه وڃڻ جو چيو ويو آهي.