سنڌ ۽ پنجاب زرعي ٽيڪس لڳائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي
اسلام آباد( م ڊ) سنڌ ۽ پنجاب زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته صوبن مطالبو ڪيو آهي ته سندن آمدني جا انگ اکر پڌرا ڪيا وڃن،دفاع جي خاص ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختون خواهه جي ناڻي وارين وزيرن ، سيڪريٽرن ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ذوالفقار کوسا شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ملڪ ۾زعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو جنهن جي سنڌ ۽ پنجاب سخت مخالفت ڪئي اجلاس ۾ سروسز تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو ويو ،صوبن جي مخالفت ڪرڻ تي اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو ۽ ٽيڪس لاڳو نه ٿي سگهيو، انموقعي تي سنڌ جي ناڻي واري وزير مرادعلي شاهه چيو ته سنڌ زرعي صوبو آهي جتي اڳ ئي زرعي ٽيڪس لاڳو ٿيل آهي جيڪا ڍل ۽ آبياني جي صورت ۾ وصول ڪئي وڃي ٿي تنهنڪري نئون ڪو به ٽيڪس کين قبول نه هوندو، ساڳئي نموني پنجاب جي صوبائي صلاحڪار ذوالفقار کوسا به چيو ته اسان جو زرعي ملڪ آهي، معيشت جي ترقي جو دارو مدار زراعت تي آهي تنهن ڪري زرعي ٽيڪس جي ڀرپور مخالفت ڪنداسين