خيرپور

سنڌ کي ھٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي: خيرپور جي سول سوسائٽي جو مطالبو

DSC06186
خيرپور: خيرپور جي سول سوسائٽي جي 90 کان وڌيڪ نمائندن پاران حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فوري طور تي سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن جي خاتمو آندو وڃي ۽ سنڌ اسيمبلي پاران هٿيارن جي نمائش ۽ غير قانوني هٿيارن تي پابندي مڙهڻ واري قرارداد تي عمل ڪيو وڃي. اهڙو مطالبو گذريل ڏينهن ڀٽائي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران خيرپور ۾ منعقد ڪيل امن ڪچهري ۾ امن امان جي قيام کي يقيني بنائڻ واري بحث کان پوءِ ڪيو ويو. تنظم جي اڳواڻ خادم حسين ميراڻي ٻڌايو ته اسان امن مهم “امن منهنجو حق” جي تحت خيرپور جي چونڊ تعلقن ۾ ڳوٺاڻن سان گڏجي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام کڻي نڪتا آهيون ۽ گذريل 6 مهينن دوران سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن کان سواءِ صحافي برادري ۽ وڪلاءَ برادري سان گڏجي مختلف قسم جي سرگرمين وسيلي امن جو پيغام عام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ صلح ڪرائڻ ۾ پڻ اڳڀرائي ٿي آهي. هن موقعي تي حڪومت ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي گڏيل صلاحون ڏيندي چيو ويو ته قبائلي تڪرارن ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ شامل فردن کي معاشري ۾ وائکو ڪيو وڃي ۽ برداري سطح تي انهن مٿان دٻاءُ وڌو وڃي ته اهي پنهنجون منفي سرگرميون ترڪ ڪن، ميڙ منٿ قافلن جي ذريعي جهيڙيندڙ ڌرين کي صلح لاءِ قائل ڪيو وڃي، حڪومت کي گهرجي ته ادارن ۾ ميرٽ کي بحال ڪري ۽ ڪرپشن جو خاتمو آڻي، ڳوٺ ۽ پاڙا سطح تي مختلف سماجي، سياسي، مذهبي ۽ اثر رسوخ ۽ ترقيءَ پسند سوچ رکندڙ نمائندن تي مشتمل امن ڪميٽين جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، امن جي قيام لاءِ مذاڪرا منعقد ڪري پوليس ۽ اعليٰ عملدارن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي، عام شهري جي حيثيت سان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، امن امهم ۾عورتن جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ گهرجي ته جيئن امن جي قيام ۾ اهي اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن، بدامني جي بنيادي ڪارڻن کي ختم ڪرڻ تي زور ڏيڻ گهرجي، ضلعي سطح جو گڏيل فورم جوڙڻ گهرجي جيڪو حڪومت توڻي اثر رسوخ رکندڙ ڌرين تي قانون جي حڪمراني ۽ امن جي قيام لاءِ دٻاءُ وجهي، عام ماڻهن کي متحد ٿي ڪري پنهنجو پاڻ ۾ برداشت ۽ سچ چوڻ ۽ ٻڌڻ جي همت ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ سان امن قائم ٿي سگهندو. هن موقعي تي جبار خاصخيلي ڀٽائي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي ڪارڪردگيءَ ۽ امن مهم جي حوالي سان ڪيل ڪمن ۽ آئينده جي مصوبن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني.
ان بحث جي ڪارراوئي سگا ميرپورخاص جي اڳواڻ محمد علي لاشاري سرانجام ڏني جڏهن ته جن بحث ۾ حصو وٺندي تجويزون ڏنيون انهن ۾ فڪري فورم جو صدر مير منور ٽالپر، پروفيسر شاهه محمد لهراڻي، پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو، پروفيسر امداد حسين چانڊيو، ضلعي انفارميشن آفيسر صاحب خان ڀنڊ، ناليوارو ٽي.وي اداڪار اختر کوکر، سيد اڪبر شاهه، علامه حزب الله آءِ. سومرو، سماجي اڳواڻ ضمير لاشاري ۽ ارشاد علي مهر کانسواءِ آپا صغريٰ مجيد شيخ، نذير احمد اڄڻ، مزدور اڳواڻ فيروز علي ڦلپوٽو، شجاع صديقي ۽ ٻيا شامل هيا.
DSC06190

DSC06239

DSC06246

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button