ڪراچي

سنڌ جي 4 کرب 57 ارب روپين جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو واڌ

Sindh Assembly1 ڪراچي: سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال ڪراچي: سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 122011ع لاءِ سنڌ جي 4 کرب، 57 ارب، 42 ڪروڙ، 88 لک رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ 88 ڪروڙ، 21 لک جي بچت ظاهر ڪئي وئي آهي، نئين سال جي بجيٽ ۾ ترقياتي خرچن جي مد ۾ هڪ کرب، 61 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، بجيٽ ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺن ۽ شهرن لاءِ 7 ارب رپيا، تعليم لاءِ پوڻا اٺ ارب، صحت لاءِ7 ارب، ذوالفقار آباد لاءِ هڪ ارب رپيا، ڪراچي پئڪيج لاءِ 18 ارب، حيدرآباد لاءِ هڪ ارب، ملير ۽ ڪياماڙي لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ۽ لياري پيڪيج لاءِ هڪ ارب ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو واڌاري جو اعلان ڪيو آھي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 4 کرب، 58 ارب ، 42 ڪروڙ، 80 لک رپيا لڳا يو ويو آهي.  جنھن ۾ وفاقي سرڪارپاران جاري خرچن جي مد ۾ 2 کرب، 51 عرب، 86 ڪروڙ 10 لک ۽ سڌين منتقلين جي مد ۾ 53 ارب، 44 ڪروڙ، 58 لک رپيا آڪٽراءِ ۽ ضلعي ٽئڪس جي مد ۾ 6 ارب، 77 ڪروڙ، 10 لک، صوبائي وصولين جي مد ۾ 54ارب، 90 ڪروڙ 69 لک، خدمتن تي سيلز ٽئڪس جي مد ۾ 25 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، کاتي وار جو ڪاٿو 2 کرب، 82 ارب، 76 لک رپيا لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ کرب، 46 ارب، 27 ڪروڙ، 65 لک صوبائي حڪومت ۽ هڪ کرب، 35 ارب، 17ڪروڙ 10 لک رپيا ضلعي حڪومتن لاءِ ۽ ضلعي حڪومتن لاءِ خاص گرانٽ طور هڪ ار ب 70 ڪروڙ، رپيا رکيا ويا آهن. ٽيڪس آمدني جو ڪاٿو 27 ارب، 35 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي. جڏهن ته محڪماتي خرچن جو ڪاٿو 33ارب، 30 ڪروڙ 91 لک رپيا لڳايو ويو آهي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ۾ هڪ کرب، 11 ارب رپين جي سالياني ترقياتي پروگرام سميت مجموعي ترقياتي خرچن جي مد ۾ هڪ کرب، 61 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جنهن ۾ ضلعي حڪومتن لاءِ 20 ارب روپين جو ساليانو ترقياتي پروگرام شامل آھي، جڏھن ته وفاقي سرڪار ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 9 ارب 46 ڪروڙ 12 لک روپيا امداد ڏيندي. ڊيرا جي مد ۾ 17 ڪروڙ 22 لک رپيا رکيا ويا آهن، سنڌ کي مختلف پرڏيهي ملڪن پاران 20 ارب رپين جي امداد ملندي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي نئين سر بحالي لاءِ مجموعي طور تي 10 ارب 70 ڪروڙ 67 لک روپين جون رٿائون رکيون ويون آھن بجيٽ ۾ ھلندڙ مالي سال ۾ 4 ارب روپين جي بچت ظاھر ڪئي ويئي آھي. ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه ايوان ۾ بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته عالمي بئنڪ ايندڙ ٽن سالن اندر 50 هزار نوجوانن جي تربيت لاءِ ڏيڍ ڪروڙ ڊالر ڏيڻا ڪيا آهن. سنڌ ۾ ايندڙ مالي سال ۾ 2 انجنيئرنگ يونيورسٽيون لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ۾ قائم ڪيون وينديون، جڏهن ته آءِ بي جي سهڪار سان دادو، نوشهروفيروز، جيڪب آباد ۽ خيرپور ۾ ڪميونٽي ڪاليج قائم ڪيا پيا وڃن. ڳڙهي خدابخش ۽ بينظير آباد ۾ ڇوڪرين لاءِ 2 ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪيا ويندا. جڏهن ته ڇوڪرن لاءِ مٺي ۽ ڪڪڙ ۾ به ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪيا ويندا، صوبي اندر 100 ويم گهر قائم ڪيا ويندا. ٿر جي ڪوئلي مان 162016ع تائين بجلي پيدا ٿي ويندي. جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ڊگهڙي، نئون ڪوٽ، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ڳري مشينري آڻڻ لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ ڪم شروع ڪيو ويندو، چين جي مدد سان سنڌ ۾ سکر بئراج تي 50 ميگاواٽ جو بجلي گهر قائم ڪيو ويندو، جڏهن ته حيدر آبادميرپورخاص روڊ کي ٻٽو ڪيو پيو وڃي، ايندڙ مالي سال ۾ 710 ترقياتي رٿائون مڪمل ڪيون وينديون. ايندڙ سال ڪا به آفيس، ڪميونٽي هال ۽ راندين لاءِ ڪوبه اسٽيڊيم تعمير نه ڪيو ويندو. جڏهن ته ٻه ڪلوميٽرن کان گهٽ روڊ تعمير نه ڪيو ويندو. ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ 40 هزار نوان گهر اڏيا ويندا. جڏهن ته ٻوڏ متاثر شهرن جي بحالي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. اسان صوبي جي هر ٻوڏ متاثر ماڻهو کي ٻيهر آباد ڪرڻ چاهيون ٿا. جيئن ته ٻوڏ سبب روڊن جو وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. تنهن ڪري ان مد ۾ 11 ارب رپيا رکيا ويا آهن. سنڌ اندر بجلي جي فراهمي جي پروگرام لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن.سنڌ اندر ڳوٺن ۽ شهرن کي گئس جي فراهمي لاءِ هڪ ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. زراعت، خوراڪ، چوپائي مال ۽ ماهيگيري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 6 ارب رپيا رکيا ويا آهن.هارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ 3 هزار ٽريڪٽر خريد ڪيا ويندا. جنهن تي هڪ ارب 14 ڪروڙ رپيا خرچ ايندو، ضلعي ٺٽي ۾ سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي ڀائيواري سان ڀنڀور ڊيري وليج ۽ گوشت وارن جانورن لاءِ پروسيسنگ زون قائم ڪيو ويندو. پيئڻ جي صاف پاڻي جون رٿائون ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيون وينديون. هن چيو ته هي بجيٽ عوام جي اميد جو عڪس، ان جي اميدن جي ساڀيان ۽ انهن پاران پنهنجي چونڊيل نمائندن جي اعتماد جو ثبوت آهي. هن سال جي بجيٽ سرچاءَ ۽ ڀائيچاري واري سياست جي جذبي تحت حاصل ڪئي وئي آهي.  ناُڻي واري وزير چيو ته 30 جون کان پوءِ وفاق پاران منتقل ڪيل سمورن کان جو بار سنڌ حڪومت برداشت ڪندي ۽ ان مد ۾ ھڪ ارب روپيا رکيا ويا آھن. جڏهن ته ايندڙ مالي سال کان خدمتن تي سيلز ٽيڪس حڪومت پاڻ وصول ڪندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button