آرٽيڪل

سنڌ جووڏو وزير جيڪو مدبر سياسي صلاحيت جو مالڪ آھي

حرير : سھيل احمد جوکيو
انفارميشن آفيسر،اطلاعات کاتو سکر
Qaim Ali Shahسنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ چيو آھي ته ٻوڏ جي خطري کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي، دريا بادشاھ سان مقابلو ناھي انشاء الله ھن ڀيري ان کي سمنڊ جو رستو ڏيکارينداسين.ھن اھا ڳالھھ شڪارپور جي دوري دوران ڪئي. ھن ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي عملدارن کي سختي سان ھدايت جندي چيو تھ بندن جو ڪم مقرر وقت تائين مڪمل ڪيو وڃي، ڪابه ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي، لاپرواھي ڪندڙ عملي ۽ ٺيڪيدارن کي جيل موڪليندس. ھن چيو ته 67 ۾ ٻوڏ آئي ته شھيد ڀٽو وزيرن کي بندن جي نگراني جو حڪم ڏنو ان ڪري ھاڻ به سنڌ جا سمورا چونڊيل نمائندا 51 جولاءِ کان پوءِ پنھنجن پنھنجن علائقن ۾ وڃي عوام کي بچائڻ لاءِ بندن جي نگراني ڪن. گذريل ٻوڏ ۾ اسان سڀني سخت محنت ڪئي، ٽوري بند ٽٽڻ جي ڪري ساڄي پاسي تمام گھڻو نقصان ٿيو، اسان کي اڳ ۾ ئي تياريون ڪرڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته خطرو نظرانداز نٿو ڪري سگھجي.ھن چيو ته گذريل ٻوڏ جي متاثرين کي ساڍا 3 ارب رپيا ڏئي چڪا آھيون. اھڙي ريت شڪارپور ۾ غريبن لاءِ 2 ھزار گھر تعمير ڪرائي ورھاست جو ڪم ترت مڪمل ڪيو ويندو. جڏھن ته نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراھم ڪرڻ لاءِ ترت سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ خالي پيل اسامين لاءِ انٽرويو طلب ڪري اتي ميرٽ جي بنياد تي نوجوانن کي نوڪريون فراھم ڪندي. جڏھن ته شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن ۾ ميگا پراجيڪٽ جيڪي ترقياتي ڪمن جي مد ۾ آھن تن تفصيلي جائزو ورتو. جڏھن ته ھن ان وقت ڊي سي او ۽ ڊي پي او شڪارپور سميت اعلي عملدارن کان امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ شڪارپور وارو دورو ان وقت ڪيوآھي جڏھن شڪارپور جو عوام موجود سنڌ حڪومت کان مايوسي وارو اظھار ڪري رھيو ھو پر سنڌ جي وڏي وزير جڏھن شڪارپور جي عوام جي ڏکن سورن کي ڄاڻڻ لاءِ شڪارپور جو دورو ڪيو ۽ اتي عوام جي بنيادي ضرورتن وارن مسئلن جي ترت حل لاءِ دلچسپي ڏيکاريندي اھم اعلان ڪيا ته پوءِ عوام اندر ھڪ دفعو ٻيھر اھو اتسا. پيدا ٿيو ته سنڌ حڪومت کي انھن مسئلن جي خبر آھي جيڪي انھن کي درپيش آھن سنڌ جي وڏي وزير جا اھي لفظ شڪارپور جي عوام جي دلين کي ٻين ڳالھين سان گڏ ٺارڻ لاءِ ڪافي آھن ت. ھو شڪارپور جون وڃايل رونقون ٻيھر بحال ڪرائيندو ۽ شڪارپور جي ترقي لاءِ ھو پاڻ مختلف وقتن تي پڻ شڪارپور جا دورا ڪندو. ھن ان موقعي تي قبائلي تڪرارن جي ور چڙھيل شڪارپور ضلعي کي ٻيھر امن جو گھوارو ٺاھڻ لاءِ به خاص ھدايتون جاري ڪيون ته ھن سنڌ اندر شڪارپور ضلعي اندر غربت جي وڌيل شرح جو ڏکايل انداز ۾ ب. ذڪر ڪيو ۽ ان جي خاتمي لاءِ ترت اپاءِ وٺڻ جي اعلان کانسواءِ عوام جي بنيادي ضرورتن، ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۽ ٻوڏ جي تباھ. ڪارين سبب بندن ۽ واھن جي مرمت جي حوالي سان پڻ ڳالھيون ڪيون ۽ ھن پي پي جي ورڪرن سان به ملاقتون ڪري سندن شڪايتون ٻڌيون ۽ ضلعي جي پي پي قيادت ۽ اتان جي اسيمبلي ميمبرن کي عوام سان رابطو وڌائڻ کان سواءِ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پڻ زور ڏنو ۽ ھن آايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي ۽ صوبائي وزير آغا تيمور خان پٺاڻ جي تعريف ڪندي چيو ته جھڙي نموني گذريل ٻوڏ دوران ھنن رات ۽ ڏينھن بندن جي حفاظت ڪئي ۽ ڏکئي وقت ۾ شڪارپور جي عوام جو ساٿ ڏنو تنھن جو مثال نه ٿو ملي. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته سنڌ جو وڏو وزير جيڪو مدبر سياسي صلاحيت جو مالڪ آھي ان شڪارپور جو دورو ڪرڻ وقت جيڪي ڳالھيون ڪيون ۽ جيڪي اعلان ڪيا اھي عوام جي دلين جي خواھشن سان واسطو رکندڙ ھئا ۽ شڪارپور جي عوام کي سوچڻ تي مجبور ڪري رھيا آھن ت. سنڌ حڪومت کي عوام جي مسئلن سان دلچسپي آھي ۽ پي پي جي قيادت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. وڏي وزير جو دورو شڪارپور جي تاريخ ۾ ڪنھن ب. سنڌ جي وڏي وزير جي دوري کان وڌيڪ ڪامياب انڪري ھو جو ان دوري ۾ ڪامورا شاھي جي مرضي گھٽ پر عوام جي بنيادي ضرورتن جو خيال وڌيڪ رکيو ويو جيڪو شھيد راڻي بينظير ڀٽو جو خواب ھو.
[email protected]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button