ٺٽو

سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران گهر شماري خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي مظاهرو

STPٺٽو(سجاد علي ميمڻ): سنڌ ترقي پسند پارٽي ٺٽو پاران ٿيل گهر شماري خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي مظاهرو ، ريلي ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ٺٽي جي ضلعي صدر غياث ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ايڌي نيشنل بئنڪ کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ، مظاهرو ڪندڙن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جيڪي بوگس گهر شماري نا منظور جا نعرا هڻي رهيا هئا ، ان موقعي تي مظاهري کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بوگس گهر شماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي ويئي آهي جنهن کي سنڌ جو عوام هرگز قبول نٿو ڪري.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button