ڪراچي

سنڌ اسيمبلي ۾ صوبي مان ڌارين کي تڙي ڪڍڻ ۽ ضلعن کي برابر حصو ڏيڻ جو مطالبو

sindh Assemblyڪراچي : سنڌ اسيمبليءَ مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ آيل ڌارين کي آئين موجب نيڪالي ڏني وڃي، سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ آيل ڌارين کي آئين موجب صوبي مان تڙي ڪڍي واپس پنهنجي علائقن ۾ اماڻيو وڃي، اهي مقامي آبادين جي ماڻهن جي وسيلن ۽ نوڪرين تي قابض آهن، جڏهن ته سيدخالد احمد چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ روڊ نه ٺهيا آهن، مٽي وجهي روڊ ٺاهيا ويا آهن، انهن علائقن کي ايندڙ ترقياتي بجيٽ ۾ اهميت ڏني وڃي. ڪراچي تي آبادي جو ايترو بار بڻجي چڪو آهي جو هاڻي سنڌين کي بس ۾ به ويهڻ جي جاءِ نٿي ملي. انهن بابت آئين جي آرٽيڪل 15 تحت واضح لکيل آهي، ان تي عمل ڪيو وڃي. امن امان جي صورتحال به خراب آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ٻيهر گهرو وزير بڻائڻ جو پڻ سنڌ اسيمبلي ۾ مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن مڪاني چونڊون ڪرائڻ، زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ امداد جي اگهه گهٽ ڪرڻ ۽ ترقياتي اسيڪمن ۾ سمورن ضلعن کي برابري جو حصو ڏيڻ، جڏهن ته لاڙڪاڻي، بينظير آباد، لياري، گڏاپ، ڪياماڙي کي ڪراچي کان وڌيڪ فنڊ ڏيڻ تي سخت اعتراض پڻ ڪيا ويا. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ ٿيو، بجيٽ بحث ڪندي پ پ ايم پي اي سردار ڄام تماچي انڙ چيو ته اسان عوام سان واعدا ڪيا هئا ته تعليم، صحت ۽ ٻين ادارن کي ٺيڪ ڪنداسين پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪٿي به نتيجا نه ڏئي سگهيا آهيون، پڇڙي وارن کي پاڻي نٿو ملي، اسڪولن ۾ استاد، استپالن ۾ ڊاڪٽر نه آهن، ڍنڍن ۽ ٻيلن تي قبضا آهن، قانون جي حڪمراني تائين مسئلا حل نه ٿيندا. پيپلزپارٽي جي پير امجد علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ 62 سالن کان ئي خرابيون آهن، ڪو اهڙو نظام بڻايو وڃي جيڪو کاتن کي ڏنل پئسا صحيح استعمال ڪري، عوام کي فائدو به ملي سگهي، رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي ۾ پئسا استعمال ئي نه ٿيڻ سبب واپس ٿين ٿا، منهجو حڪومت کان اهو واحد مطالبو آهي ته ٽنڊوڄام کي صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي. قاف ليگ جي چيتن مل چيو ته ٺٽي ۾ ڌارين اچي مقامي زمينون پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيون آهن جيڪو مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو آهي، سرڪار جي اڳ ئي اقليتن تي گهڻيون مهربانيون آهن پر اقليتين سان ايتريون زيادتيون آهن جو اهي علائقا ڇڏي ڀارت لڏپلاڻ ڪري وڃي رهيا آهن، هن چيو ته ٽن مهينن کان صوبي ۾ ڪو به گهرو وزير مقرر ٿيل نه آهي، اسان پنهنجا مسئلا وڏي وزير تائين نٿا پهچائي سگهون، ذوالفقار مرزا کي واپس گهرايو وڃي يا ٻيو گهرو وزير مقرر ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي هير اسماعيل سوهو چيو ته هلندڙ سال ترقياتي پروگرام ۾ صوبائي سرڪار 480 رٿائون اڻ منظور ٿيل شامل ڪيون ويون، جيڪي اڃا تائين منظور نه ٿيل آهين ۽ ائين ئي پوري ترقياتي پروگرام ۾ 50 کان 60 سيڪڙو رٿائن جا پئسا ليپس ٿيا وڃن، وڏي وزير کي گذارش آهي ته ان جو نوٽيس وٺي، ٻئي ڀيري فنڊ ليپس ڪندڙ کاتن لاءِ ڪا به رقم نه رکي، پ پ جي ڪلثوم چانڊيوچيو ته دادو ٻن ٻوڏن کي منهن ڏنو آهي، ٻين ضلعن وانگر ان لاءِ ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، ضلعي جو سڄو نظام ڊانواڊول لڳو پيو آهي، اهو علائقو ميدان هجڻ سبب گرم آهي، گورک هل جو منصوبو جلد شروع ڪيو وڃي، هن چيو ته ٻين صوبن مان آيلن کي واپس پنهنجي علائقن ڏانهن موڪليو وڃي. ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر نديم مقبول چيو ته هي وقت اسيمبلي ميمبرن جي احستاب جو آهي ته اسان عوام لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا آهن،ڪڻڪ جي امدادي قيمت گهٽائي وڃي ڇو ته ان جو سڌو فائدو آبادگارن کي گهٽ زميدارن کي وڌيڪ پئي ٿو. فنڪشنل ليگ جي علي غلام نظاماڻي چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بدترين صورتحال آهي، بندن جو ڪم سستي سان هلندڙ آهي، ڪئنالن جي جيتري پاڻي گنجائش آهي اوترو پاڻي اهي فراهم نٿا ڪري سگهن، انهن جي کاٽي ڪرائي وڃي، صوبي ۾ اسڪول موجود آهن پر استاد نظر ئي نٿا اچن، امن امان قائم ڪندڙ ايجنسيون پان بچائڻ ۾ لاچار آهن، اهي امن امان ڪيئن قائم ڪنديون، موجوده صورتحال ۾ گهرو وزير ذوالفقار مرزا جي سخت ضرورت آهي، ان کي واپس آندو وڃي. پ پ جي ڊاڪٽر سڪندر شوري چيو ته اڳين دورن ۾ ٻڪري لاءِ قرض وٺندڙ کي مينهن جيترو قرض واپس ڪرڻو پوندو، پر هاڻي صورتحال بهتر آهي، صوبي جي ٻين علائقن مان ايندڙ شاگردن کي ڪراچي ۾ داخلا ڏني وڃي، ڄامشورو کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ڏاڍيون ڏکايون پيدا ٿينديون، ان لاءِ بندن جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي، زرعي ٽيڪس وڌائڻ آبادگارن سان زيادتي آهي ڇو ته اهي ٻج. ڀاڻ ۽ ٻين مدن ۾ مزدورن کي به حصو ڏين ٿا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا امن امان ۾لاءِ ڪم ڪيو آهي، ان کي وساري نٿو سگهجي. پ پ جي جاويد شاهه چيو ته ذوالفقار مرزا امن امان قائم ڪرايو هن ذوالفقار مرزا سان مخاطب ٿيندي چيو ته صوبي کي تنهنجي ضرورت آهي، واپس اچ. ايم ڪيو ايم جي مقبول عالم چيو ته ايوان ۾ اهو چون ٿا ته بجيٽ ٽيڪس فري آهي، اهو سراسر غلط آهي، اڳ به ڪيتريون ئي ٽيڪسون لاڳو آهن، 18هين ترميم بعد صوبن کي خودمختياري ملي آهي، هاڻي ڏسڻو آهي ته صوبائي حڪومت ضلعن، تعلقن ۽ ٽائون حڪومتن کي اختيار ڏئي ٿي. صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان چيو ته ترقياتي پيڪيج اسان جي حڪومتن جي ڪامياب پالسيي آهي. جن علائقن تي ماضي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪيو ويو انهن کي پيڪيج ڏنا ويا آهن، انهن ۾ لياري، ڪياماڙي ۽ لاڙڪاڻي سميت ٻيا علائقا شامل آهن. ايم ڪيو ايم جي محمد اڪرم چيو ته ڪارن ۾ گهمندڙ ٽيڪس ادا نه پيا ڪن، جنهن جو اثر غريب ماڻهو برداشت ڪري رهيو آهي. نجم الدين ابڙو چيو ته امڪاني ٻوڏ کان بچڻ جا بندوبست ڪيا وڃن، عوام ۾ تمام گهڻو ڳڻتي آهي. پ پ جي نديم ڀٽي چيو ته نادرا جي رڪارڊ موجب پنجابين، ڪشميرين، هزاره، گلگت، چترالي، پختونن، ڦاٽا ۽ وزيرستان مان آيلن 15 لک ڌارين جو سنڌ معاشي بار برداشت ڪري رهي آهي، جن مستقل بنيادن تي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا آهن ۽ موجوده گهر شماري ۾ به انهن کي شامل ڪيو ويو آهي. اهو معاملو معمولي ناهي، عام وڏي اهميت وارو معاملو آهي، ان تي غور ٿيڻ گهرجي. ڇا انهن علائقن مان آيل ڌارين پنهنجا قومي سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهرايا هئا؟ هن چيو ته صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امن امان قائم ڪرايو آهي. پ پ جي سيد علي نواز شاهه رضوي چيو ته ڪراچي ۾ 4 سو گز جو پلاٽ ڪروڙين رپين جي ماليت جو آهي ۽ اسان جي 2 سو ايڪڙ جا 50 لک رپيا به نٿا ملن. پاڪستان جڏهن ٺهيو هو ته ان وقت ڪهڙيون صنعتون لڳل هيون، جن ملڪ کي ٽيڪس ڏئي هلايو،ا هي آبادگار هئا، جن ٽيڪس ڏئي ملڪ هلايو. ايم ڪيو ايم جي ريحان ظفر چيو ته ڪراچي کي 12 سو ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي کي ممڪن بڻايو وڃي، پاڻي جي چوري روڪي وڃي. ايم ڪيو ايم جي هڪ ٻئي ميمبرن لياري، ڪياماڙي، گڏاپ ۽ ٻهراڙين جي لاءِ رکيل پيڪيج واري رقم تي اعتراض واريندي چيو ته 15 ٽائونن کي 2 هزار ملين ۽ ٽن ٽائونن کي ان کان وڌيڪ رقم ڏني وئي آهي، اها رقم به ڪراچي پيڪيج ۾ شامل ڪئي وڃي ها ته بهتر ٿئي ها. پ پ جي عورت ميمبر رشيده اختر پنهور چيو ته پ پ ڌوکيبازي واري سياست نه ڪئي آهي، مرڪز کان ڪوئلو واپس ڪرائي، نج صوبائي اسم تسليم ڪرايو. عوام کي بنا فرق جي رزوگار ڏنو آهي. ايم ڪيو ايم جي محمد طاهر چيو ته لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد جي علائقن جي آبادي جي 50 سيڪڙو کان به گهٽ آهي پوءِ به انهن کي ڪراچي کان وڌيڪ پيڪيج ڏنا آهن، ڪراچي جي پيڪيج ۾ اضافو ڪيو وڃي. ڪالهه 20 ميمبرن بجيٽ بي بحث ۾ حصو ورتو، جنهن کان پوءِ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ 9:30 تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button