اسلام آباد

ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ صوبن کي 7 سئو ارب رپيا منتقل ڪيا آهن:حفيظ شيخ

Hafeez Shaikhاسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. . اهڙو اظهار هن لارمس ڪاليج گهوڙا گلي مري جي 150 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي 20 رپين جي يادگار سڪي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي هر شهري کي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده حڪومت شهرين جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. نوجوان نسل کي فني تعليم جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن اهي معاشري جا ڪارگر شهري بڻجي سگهن. ميڊيا سان خاص ڳالهه بولهه ڪندي هن ٻڌايو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ انهن لاءِ حڪومت 700 ارب رپيا صوبن کي منتقل ڪري ڇڏيا آهن. انهن پئسن کي اهي سماجي شعبي جي ترقي لاءِ خرچ ڪري سگهندا. هن چيو ته صوبن سان گڏ هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي پڻ اعليٰ تعليم لاءِ فنڊ فراهم ڪيا پيا وڃن.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button