زرداري نئين ديري ۾ تقرير ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ جي توهين ڪئي آهي:ممتاز ڀٽو
بينظير جي سالگره تي نئون ديري ۾ جيڪا زرداري ڀڳت وڌي اها هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ورزي ۽ توهين آهي جنهن ۾ اها فتويٰ ڏني وئي آهي هي صدارتي ڪرسي تي ويهي سياست نه ٿو ڪري سگهي. زرداري جي ڀڳت نه رڳو ڪورٽ جي توهين آهي
سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئر مين نواب ممتاز علي ڀٽو پنهنجي رهائش گاه تي مختلف وفدن سان ڳالهائيندي چيو ته بينظير جي سالگره تي نئون ديري ۾ جيڪا زرداري ڀڳت وڌي اها هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ورزي ۽ توهين آهي جنهن ۾ اها فتويٰ ڏني وئي آهي هي صدارتي ڪرسي تي ويهي سياست نه ٿو ڪري سگهي. زرداري جي ڀڳت نه رڳو ڪورٽ جي توهين آهي پر آئين جي به خلاف ورزي آهي جنهن تي هن کي آئين جي شق 6 تحت سزا ڏئي سگهجي ٿي. رت ڏيڻ واري معاملي تي ممتاز علي ڀٽو چيو ته جن ٽي سال عوام جي رت پيتي آهي انهن فوٽو ڪڍرائڻ خاطر هڪ رت جي بوتل ڏئي جهڙي ترار هئين هوڏانهن اقتصادي ماهرن ظاهر ڪيو آهي ته ملڪ جي عوام مان 7 ڪروڙ ماڻهو روزانو هڪ سئو روپين کان گهٽ رقم تي گذارو ڪرڻ تي مجبور آهن. هوڏانهن وري نئين بجٽ ۾ ملڪ جي صدر ۽ وزير اعظم جي غير ملڪي دورن جي ڏهاڙي خرچ لاءِ 55 لک روپيه رکيا ويا آهن. اهو رويو آهي روٽي ڪپڙا مڪان ڏيڻ وارن جو جيڪي عوام کي رڳو هڪ هزار روپين جو دلاسو ڏئي بيوقوف بنائي رهيا آهن
مانيٽرنگ ڊيسڪ