رينجرز جي ھٿان نوجوان جو قتل، سپريم ڪورٽ ۾ سماعت جاري
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته رينجرز کي ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھيو. تنھن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ھي ته الٽو ٿي رھيو آھي، روڪڻ جي بجاءِ ٽارگيٽ ڪلنگ جاري آھي. ان موقعي تي گھرو وفاقي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته رينجرز تي انتظامي ڪنٽرول ته وفاق جو آھي، ھڪ نوٽيفيڪيشن جي ذريعي رينجرز جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت کي ڏنو آھي ۽ ڪجھھ سالن کان ھي نوٽيس ھر ٽن مھينن کان پوءِ جاري ڪيو ويندو آھي
مانيٽرنگ ڊيسڪ