خيرپور ضلعي جي مختلف اسٽيشنن تي ريل جون انجڻيون فيل، مڇريل مسافرن جا احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا
خيرپور: خيرپور ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ٽرينون انجڻ فيل ٿيڻ ڪري بيهجي ويون،جڏهن ته مڇريل مسافرن احتجاجي مظاهرا ڪري پٽڙين تي ڌرڻا هنيا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي،جڏهن ته پوليس لٺبازي ڪري 15 مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو. محرابپور اسٽيشن تي ڪراچي کان لاهور ويندڙ قراقرم ايڪسپريس جي انجڻ فيل ٿيڻ سبب گاڏي 4 ڪلاڪن تائين بيٺل رهي. سخت گرمي سبب ڊگهو سفر ڪندڙ مسافرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. ان موقعي تي مڇريل مسافرن عورتن ۽ ٻارڙن سميت مظاهرو ڪري ريلوي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد عباس،خالد شيخ، شهريار ۽ ٻين چيو ته انجڻ فيل ٿيڻ کي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا، جنهن سبب هنن سخت ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي. مسافرن جي احتجاج بعد قراقرم جي انجڻ ٺيڪ ڪري ان کي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو. ريلوي ٽريڪ فارغ نه هئڻ سبب لاهور کان ڪراچي ايندڙ فريد ايڪسپريس پڻ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان خيرپور اسٽيشن تي بيٺل آهي،جڏهن ته احتجاج ڪندڙ مسافرن تي پوليس لٺبازي ڪئي. مڇريل مسافرن گرمي سبب تنگ ٿي احتجاج ڪندي ريلوي جي آفيسن تي حملا ڪيا، جنهن بعد عملو فرار ٿي ويو. ان موقعي تي پوليس پهچي احتجاج ڪندڙن مسافرن تي لٺبازي ڪئي ۽ 15 ڄڻن کي گهلي موبائلن ۾ وجهي مختلف ٿاڻن اندر لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. ٺري ميرواهه اسٽيشن تي علامه اقبال ايڪسپريس انجڻ خراب ٿيڻ سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان اسٽيشن تي بيٺل آهي، جڏهن ته مڇريل مسافرن ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي. ڪراچي ويندڙ مهراڻ ايڪسپريس کي پڻ انجڻ خراب ٿيڻ سبب ٽنڊو مستي اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي،جڏهن ته مسافرن احتجاج ڪندي ڀڃ ڊاهه ڪئي. راڻيپور ۾ ذڪريا ايڪسپريس پڻ انجڻ فيل ٿيڻ سبب ڪلاڪن کان اسٽيشن تي بيٺل آهي،جڏهن ته سخت گرمي سبب ڪيترائي مسافر بيهوش ٿي ويا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پريشان مسافرن چيو ته ٽرين مختلف هنڌن تي بيهڻ سبب کانئن پاسپورٽ ۽ روڪ رقم پڻ ڦر ڪئي وئي.