خيرپور جا معذور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا
خيرپور ( اعجاز جکڙ ) خيرپور جا معذور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا هڪ ٽولي جي ضلع حڪومت خلاف بک هڙتال ٻئي ٽولي جي ضلع حڪومت جي حمايت ۾ ريلي جيئي ڀٽو جا نعرا خبر موجب خيرپور جا انڌا ، منڊا ، لولا ، لنگڙا، ڪاڻا، ٻوڙا، گونگا ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا آهن جڏهن ته هڪ گروپ جي اڳواڻ رياض منگي ۽ سندس ساٿين ضلع حڪومت خلاف اٺڻ ڏينهن کان بک هڙتال شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته ٻئي گروپ جي اڳواڻ علي انصر سنڌو ضلع حڪومت جي حمايت ۾ لقمان شهر کان ڊي سي او آفيس تائين ضلع حڪومت جي حق ۾ نعريبازي ڪئي بعد ۾ ڊي سي او آفيس ٻاهران پڻ جلسو ٿيو جنهن کي علي انصر سنڌو ، ميڊم سائمه ، فهميده ڀٽي، تنوير پٺاڻ، رمضان ڦلپوٽو، سيد حليم شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ضلع حڪومت خيرپور جي معذورن جي ڀلائي جي لاءِ وڏا پروگرام جوڙيا آهن . سٺ لک جون ريوالر چيئر ، پنجاهه لک جي گرانٽ، هڪ هزار ويل چيئر پڻ خيرپور جي معذور کي مليون آهن جڏهن ته رياض منگي بيگناهه حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ بيگناهه واويلا شروع ڪري ڏني آهي اسان جو ان سان ڪو به تعلق نه آهي. جڏهن ته رياض منگي بک هڙتال جي ڪئمپ تي اخباروارن کي ٻڌايو ته ضلع حڪومت معذورن جي ڀلائي جي لاءِ ڪوبه پروگرام ڪونه جوڙيو آهي اسان کي حڪومت پنڻ تي مجبور ڪيو آهي هن وڌيڪ چيو ته جيستائين اسان جي ڏنل چارٽ آف ڊمانڊ تي عمل نه ڪيو ويو تيستائين اسان جو احتجاج ۽ بک هڙتال جاري رهندي.