خورشيد شاهه نواز ليگ جو ماڻهو آهي(تهمينا دولتانه) منهنجي جان ڇڏ: خورشيد شاهه
اسلام آباد: مسلم ليگ (ن) جي ميمبر تهمينه دولتانه سيد خورشيد شاهه کي پنهنجي پارٽي جو ماڻهو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو آهي ته سيد خورشيد شاهه ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي، ان کي اسان حڪومت جو نه پر پنهنجو ميمبر سمجهون ٿا. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران مسلم ليگ (ن) جي ميمبر تهمينه دولتانه حڪومتي ميمبرن ۽ وزيرن لاءِ دلچسپ ڳالهيون ڪندي رهي. بجيٽ تي تقرير دوران تهمينه دولتانه بار بار وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جو نالو کنيو ۽ ان سان مخاطب ٿيندي رهي. تهمينه دولتانه چيو ته سيد خورشيد شاهه ڏاڍو سٺو انسان آهي، هو حڪومت جو ماڻهو ناهي لڳندو، اسان ان کي پنهنجي پارٽي جو ميمبر سمجهندا آهيون. تهمينه دولتانه تقرير دوران ٻيهر سيد خورشيد شاهه جو نالو کڻي ان سان مخاطب ٿيڻ لڳي جنهن تي خورشيد شاهه کيس هٿ جوڙيندي چيو ته منهنجي جان ڇڏ، اسپيڪر ڏي منهن ڪري ڳالها”. تهمينه دولتانه تقرير دوران ٽيهر سيد خورشيد شاهه ڏانهن ڏسندي چيو ته شاهه صاحب کي ننڊ اچي وئي آهي، ان ڪري مون کي تقرير ختم ڪرڻ گهرجي. حڪومتي بئنچن تان آواز آيو ته سائين خورشيد شاهه تنهنجي تقرير مان بور ٿي ويو آهي. جڏهن ته پويان ويٺل (ن) ليگ ميمبرن چيو ته شاهه صاحب کي تقرير وڻي وئي آهي ان ڪري هو تقرير مان سڪون محسوس ڪري رهيو آهي، جنهن سبب کيس ننڊ اچي رهي آهي. اهڙن جملن تي ايوان ۾ ٽهڪڙا مچندا رهيا. تقرير دوران تهمينه دولتانه مملڪتي وزير رضا حيات هراج کي چيو ته جن ماڻهن جا ٻاهرين ملڪ اثاثا آهن انهن ۾ تنهنجو نالو به شامل آهي. تهمينه دولتانه جي تقرير دوران ايوان ۾ ماحول خوشگوار ٿي ويو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ