ڪراچي

حڪومت ڪٿي به نظر نٿي اچي، عوام الله تعاليٰ کان معافي وٺي ۽ روزي رزق لاءِ دعا ڪري: پير پاڳارو

pir shaib pagaroڪراچي (م ڊ) حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير صاحب پاڳارا چيو آهي ته سنڌ ۾ حڪومت ڪٿي به نظر نٿي اچي، ملڪ ۾ ڪرپشن وڌي رهي آهي، عوام کي مشورو ڏيندس ته الله تعاليٰ کان معافي وٺن ۽ روزي رزق لاءِ دعا ڪن. بلاول ڀٽو زرداري ڀلي زردارين جو سردار ٿئي پر منهنجو سيڪريٽري ٿيندو اها ڳالهه مان يقين سان چوان ٿو، مشرف کي اهي اشتهاري قرار ڏئي رهيا آهن جيڪي پاڻ اشتهاري آهن، گهر شماري جي معاملي تي اسان پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي، هاڻي حڪومت، فوج ۽ شماريات تي دارومدار آهي ته اهي ڇا ٿا ڪن. ڊاڪٽر ڪريم مهر منهنجو سيڪريٽري هيو ۽ آهي، مهدي شاهه جو رشتو خانداني آهي، ان جو جماعت سان ڪو تعلق ناهي ۽ نه ئي مون هن کي هتي گهرائي پنهنجو سيڪريٽري مقرر ڪيو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي رهائشگاهه ڪنگري هائوس تي صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ سندن ننڍي فرزند ۽ فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي صدر پير سيد صدر الدين شاهه راشدي ۽ مٽياري ضلعي جي اڳوڻي ناظم محمد علي شاهه ڄاموٽ ملاقات ڪئي. جڏهن ته پير صاحب صحتيابي کانپوءِ پنهنجي آفيس ۾ معمول مطابق ملاقاتون ڪيون ۽ جماعت کي زيارت پڻ ڪرائي. چيف خليفي قادر بخش منڱريو جي سربراهي ۾ سڀني خليفن پڻ پير صاحب جي زيارت ڪئي. پير صاحب پاڳاري هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته درگاهه جو قديمي دستور آهي ته پير پاڳاري جو سيڪريٽري صرف مريد ٿيندو، سيد مهدي شاهه منهنجو سالو آهي هن کي مون هتي نه گهرايو هيو، هن جو مون سان تعلق صرف خانداني آهي. جڏهن ته پيري مريدي ۾ هن جو ڪو تعلق ناهي. هن چيو ته حر جماعت جا خليفا ۽ معزز شخصيتون پير پاڳاري جي چونڊ ڪندا آهن. پير پاڳارو ڪڏهن به مقرر نه ٿيندو آهي ۽ جيڪو پير پاڳارو چونڊيو ويندو آهي اهو مرڻ گهڙي تائين پير پاڳارو رهندو آهي. پير پاڳاري جي ريٽائرمينٽ نه ٿيندي آهي. اسان وٽ وصيت نامي جو تصور نه هوندو آهي، منهنجي پٽن مان ڪنهن به هڪ کي جماعت پير پاڳارو جي چونڊ ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ ڏوهه وڌي رهيا آهن جڏهن ته ملڪ سان وفادارين ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ان سان گهڻو ڪجهه ٿيندو، توهان ڏٺو ته اسانجي حڪومت کي خبر ئي نه هئي ته اسامه بن لادن اسانجي گهر ۾ ويٺو آهي. هن کان جڏهن پڇيو ويو ته ان جو قصوروار آصف زرداري يا آرمي چيف آهي جنهن تي پير صاحب چيو ته ٻنهي جو ڪو به قصور ناهي، اسامه گهر کان ٻاهر نه نڪرندو هو ۽ نه ئي ڪو ٻاهريون ماڻهو گهر اندر ويندو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ پير صاحب چيو ته ق ليگ ۽ پيپيلز پارٽي جو اتحاد وقتي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، جيڪو پائيدار اتحاد ثابت نه ٿيندو. نواز شريف جي مستقبل بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ پير صاحب چيو ته مان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته نواز شريف جو مستقبل اونداهو جڏهن ته شهباز شريف جو ان کان وڌيڪ اونداهو آهي. پير صاحب وڌيڪ چيو ته مان آفاق احمد جي دعوت تي هڪ ڀيرو ويو هئس عامر خان متحده ۾ شموليت ڪئي مونکي خوشي ٿي آهي ته مهاجرن جا ڌرا گهٽ ٿي هڪ ٻئي ۾ ضم ٿيا آهن. ڪراچي جي امن امان جي صورتحال بابت پير صاحب چيو ته سڄي سنڌ ۾ حڪومت ڪٿي به نظر نٿي اچي ته پوءِ ڪراچي ۾ ڪئين نظر ايندي. گهر شماري بابت پير صاحب چيو ته اسانکي خبر ئي ناهي ته ڪئين ڳڻپ ڪئي وئي آهي مون پنهنجو احتجاج ۽ شڪايت ميڊيا ذريعي ڪري ڇڏي آهي. پرويز مشرف جي حوالي سان هن چيو ته هن جي مان ايترو ويجهو نه هئس جڏهن ته جيڪي به حڪمران ايندا آهن مان هنن جي ويجهو هوندا آهيان، هن کي اشتهاري ملزم اهي قرار ڏئي رهيا آهن جيڪي پاڻ اشتهاري آهن. حڪمرانن کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. پير صاحب کان پڇيو ويو ته بلاول زرداريءَ برادري جو چيف سردار مقرر ٿي رهيو آهي ته پوءِ توهان جو سيڪريٽري ڪئين ٿيندو جنهن تي پير صاحب چيو ته مونکي ڪنهن زرداري برادري جو سردار گهرجي مان يقين سان چوان ٿو ته بلاول منهنجو سيڪريٽري ٿيندو. فوج جي ڪارڪردگي جي سوال تي پير صاحب چيو ته فوجين جي ڪارڪردگي جنگ ۾ ڏٺي ويندي آهي، ملڪ ۾ هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو عوام لاءِ آهي فوج لاءِ نه. آمريڪا بابت پير صاحب چيو ته هن پئسا ڏنا آهن ان ڪري حساب گهري رهيو آهي، اهي پئسا خبر ناهي ته عوام تي خرچ ٿيا آهن يا ڪنهن ٻئي هنڌ پر مليا ضرور آهن. هن کان سندس سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪريم مهر جي متعلق پڇيو ويو جنهن تي پير صاحب چيو ته ڊاڪٽر ڪريم مهر هردل عزيز شخصيت آهي، هوءَ منهنجو سيڪريٽري هيو ۽ هاڻ به آهي، هن کي نه هٽائيو ويو هو. امتياز شيخ جي پارٽيءَ ۾ ڪارڪردگي متعلق پير صاحب چيو ته هوءَ پڙهيل لکيل ۽ اڳوڻي سيڪريٽري رهي چڪو آهي ان ڪري پارٽي ۾ سٺو ڪم ڪندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button