ڪراچي

حڪومت جي تباهي شروع ٿي وئي، پ پ جي بدمعاشي نه هلندي: الطاف حسين

mqmڪراچي : ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين آزاد ڪشمير ۾ ٿيل چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي نئين سر چونڊن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي تباهي شروع ٿي وئي آهي. رياستي آپريشن سان ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ واري سوچ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي. پ پ وارن جي بدمعاشي نه هلندي. ڪراچي ۾ جنرل ورڪرز ڪنوينشن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي الطاف حسين وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪراچي ۾ آزاد ڪشمير جي چونڊن لاءِ سيٽ گهري ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ چونڊ ملتوي ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏني. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سيٽ ڪهڙي خوشي ۾ پ پ کي ڏئي. سيٽ نه ڏيڻ ڪري چونڊ ملتوي ڪرائي وئي ۽ ايم ڪيو ايم تي مسلسل دٻاءُ وڌو ويو ۽ ايم ڪيو ايم کي چونڊن جي بائيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن چيو ته حڪومت چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي نئين سر چونڊ ڪرائي. چيف جسٽس به نوٽيس وٺي. ايم ڪيو ايم چونڊن خلاف درخواست داخل ڪرائيندي. هن چيو ته رياستي طاقت سان ڪرايل چونڊ غير قانوني آهي. هن چيو ته صدر کي ايم ڪيو ايم نامزد ڪيو ان جي سزا ڏني پئي وڃي. وزير اعظم جي به حمايت ڪئي وئي. هاڻ حڪومت بدمعاشي ۽ غنڊا گردي ڪري رهي آهي. جيڪا هلڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته حڪومت عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي ۽ الطاف حسين سان دوکو ڪيو آهي. الطاف حسين چيو ته جمهوري حڪومت ته آمر کان به وڌيڪ بدتر آهي. ان آمرن جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته رياستي آپريشن سان متحده کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. پ پ جي بدمعاش حڪومت آهي. حڪمرانن جي اصل چهري تان پردو لاهينداسين.ڇاڪاڻ ته جمهوري قدرن جو جنازو ڪڍيو ويو آهي. الطاف حسين چيو ته حڪمران تلوارون تيز ڪن اسان جا سينا تيار آهن. اسان ساٿ ڇڏيون ته حڪومت هڪ ڏينهن به هلي نه سگهندي. حڪومت دوکي سان پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button