ٺٽو

حڪمران هڪ ڀيرو وري سنڌ کي ٻوڙڻ ٿا گهرن: جسقم

Sindh flood1ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسرگروپ) جي چيئرمين عبدالواحد آريسر ، مير عالم مري، اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي، نواز خان زنئور، مرتضيٰ چانڊيو، سهيل سمون، عثمان پنهور ۽ مسيح ڪالاڻي چيو آهي ته حڪمران هڪ ڀيرو وري سنڌ کي ٻوڙڻ ٿا گهرن جنهن ڪري سنڌو درياهه جي بندن جو ڪم گهربل وقت اندر پورو نه ڪيو ويو آهي ، جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ هنن چيو ته ٽوڙي بند ۽ ڪوٽ عالمون وٽان ايم ايس بند کي پيل گهارا مڪمل طور تي بند ڪري بندن جي مرمت ڪري انهن کي درست حالت ۾ نه آندو ويو آهي نه ئي وري ٻين هنڌن تي ڪمزور بندن جي مرمت ڪئي ويئي آهي هنن چيو ته سنڌ حڪومت ماٽيلي ماءُ وارو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ وفاق جو سنڌ سان ناروا رويو آهي جنهن ڪري خطرو آهي ته هن سال به پر سال جيان سنڌ کي هٿرادو طور ٻوڙيو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button