حسن درس جو حادثاتي موت سنڌي ادب لاءِ وڏو خال آھي: اديب
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ جي قلم ڌڻين ، اديبن، شاعرن ۽ صحافين نئين ٽهي جي ڀلوڙ شاعر حسن درس جي حادثاتي موت کي سنڌ ادب لاءِ وڏو خال قرار ڏيندي چيو ته حسن درس جي قومي ۽ ادبي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، مڪلي تي هڪ سماجي تنظيم پاران حسن درس جي ياد ۾ سڏايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي صوفي حضرو بخش چيو ته حسن درس جي اندر ۾ صوفي ازم جو درس سمايل هو ۽ هو هميشه مذهبي ڪٽرپڻي خلاف اتساهه بنيل هو، هن چيو ته حسن جو وڇوڙو اسان کان ڀلوڙ شاعر ۽ پياري ماڻهو جو ڌار ٿيڻ آهي، مسعود لوهار خطاب ڪندي چيو ته حسن درس سنڌ جو ارڏو عاشق هو جنهن جي خواهش هئي ته سنڌ کي پنهنجو ماضي ۾ موٽائڻ جي جدوجهد ڪجي ۽ هتان جي ماڻهن جي دلين مان نفرتن جو خاتمو آڻي مهمان نوازي واري ڦوڪڻي کي واپس آڪاش ۾ نروار ڪجي ، هن چيو ته حسن درس پنهنجي زندگي جي لمحن ۾ انسان ۾ خدا ڳولڻ واري جدوجهد ۾ گذاري هو چوندو هو ته وڏو ماڻهو اهو ناهي جنهن وٽ پئسو آهي پر وڏو ماڻهو اهو آهي جنهن جو ڪردار وڏو آهي ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، اقبال خواجه، اسحاق منڱريو، اعجاز خواجه ۽ ٻين چيو ته حسن درس پيار ۽ پنهنجائپ سان سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي وجود جو آکيرو ٺاهيو ۽ اج سندس ڪمي محسوس ڪريون ٿا.