ٺٽو

حسن بيچين روح هو هن جو جنم ئي شاعري لاءِ ٿيو هو: نواز علي شاهه ڀاڏائي

Hassan Darsٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ جي البيلو شاعر حسن درس جي ياد ۾ جسقم (آريسر گروپ) پاران ٺٽو ۾ هڪ تعذيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو ان موقعي تي جسقم آريسرگروپ جي نواز علي شاهه ڀاڏائي چيو ته حسن درس سنڌ جي حسن جو شاعر هو جنهن وٽ پنهنجو نرالو انداز ۽ منفرد لهجو هو، هن چيو ته حسن درس جو اوچتو وڇوڙو دل کي ڏکوئيندڙ آهي جنهن سنڌي شاعر جي اڏارکي گرهڻ هڻي ڇڏي آهي، هن چيو ته حسن بيچين روح هو هن جو جنم ئي شاعري لاءِ ٿيو هو ۽ اهو سچ آهي ته هو ويندي ويندي شاعري کي نئين زندگي ڏيئي ويو ۽ هو پنهنجي جوهر ۾ ارڏو ۽ انقلابي انسان هو مڪمل العين جو شاعر هو ۽ هو پڻ سنڌ جي ثقافت جو سفير هو جنهن کي سنڌ صديون ياد رکندي ، ان موقعي تي تعذيتي ميڙاڪي کي بلاول سمون، حيدر شاهه ، نبن خشڪ، شڪيل کٽي، ربڏنو شاهه ڀاڏائي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button