پرڏيھي خبرون
جاپان جي وزيراعظم آگسٽ ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو
ٽوڪيو (م ڊ) جاپان جي وزيراعظم نائوتوڪان هلندڙ سال آگسٽ ۾ پنهنجو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو انڪشاف اتحادي پارٽي پيپلز نيو پارٽي جي اڳواڻ شيز وڪاڪيمي جاپان جي ميڊيا اختيارين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيز وڪاڪيمي چيو ته چيني وزيراعظم هلندڙ سال جي آگسٽ ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. واضح رهي ته جاپاني وزراعظم خلاف گذريل هفتي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر طرفان عدم اعتماد واري تحريڪ ناڪام ٿي وئي هئي، جڏهن ته حڪمران جماعت آگسٽ ۾ ٻي اضافي بجيٽ پيش ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي جنهن ۾ 11 مارچ تي بدترين زلزلي سبب متاثر ٿيل علائقن جي نئين سر تعمير واري ڪمن لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويندا.