تڪرارن کي صحيح طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪيترائي ڪيس عدالت ۾ اچڻ کان اڳ حل ٿي سگهن ٿا:چيف جسٽس
اسلام آباد: چيف جسٽس چيو آهي ته پوليس کي سياسي اثر ۽ دٻاءُ هيٺ نه پر قانون موجب ڪم ڪرڻ گهرجي، گرفتار جوابدار سان قانون موجب ورتاءُ ٿيڻ گهرجي، عام ماڻهن کي پوليس کان تمام گهڻيون شڪايتون آهن، انصاف جي فراهمي صرف عدالتن جي ذميواري ناهي پر لاڳاپيل ادارن کي به انصاف جي فراهمي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، ڪالهه سکيا وٺندڙ پوليس آفيسرن کي سپريم ڪورٽ ۾ خطاب ڪندي چيف جسٽس افتخار چوڌري چيو ته انصاف جي فراهمي صرف عدالتن جي ذميواري ناهي پر سمورن لاڳاپيل ادارن جو فرض آهي ته اهي انصاف فراهم ڪن، هن چيو ته ڏوهن جي معاملي ۾ انصاف جي فراهمي پوليس جو بنيادي فرض آهي، ڇاڪاڻ ته متاثر ڌر سڀ کان پهرين پوليس وٽ ايندي آهي، هن چيو ته جمهوري ۽ آئيني تقاضا آهي ته عوام جي اميدن تي پورو لهڻ گهرجي، پوليس جي ڪردار کي 2002ع واري آرڊر ۾ واضح ڪيو ويو آهي ۽ ان کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي، تنهن ڪري هاڻي ضرورت آهي ته پوليس جي مختلف ادارن کي قانون موجب سکيا ڏيڻ گهرجي ۽ ان آرڊر تحت ضلعي، صوبائي ۽ قومي سطح تي نيشنل پبلڪ سيفٽي ڪميشن جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته 2002ع جو پوليس آرڊر تمام بهتر هو پر سياست جي ور چڙهي ويو ۽ ان ۾ تبديليون ڪيون ويون ۽ ان کي صحيح طرح عمل هيٺ نه آندو ويو آهي، جنهن جي ڪري اڄ گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا آهن، چيف جسٽس چيو ته ڪو به معاشرو مختلف شعبن جو گڏيل مجموعو هوندو آهي، هن چيو ته معاشري ۾ امن ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ پوليس جو فرض آهي، هن چيو ته انساني حقن جي معاملن ۾ پوليس جو ڪردار تمام گهڻو تڪراري رهيو آهي ۽ پينل ڪوڊ ۾ پوليس کي ڏنل اختيارن ۾ پوليس جو ڪردار انتهائي اهم آهي ۽ انهن اختيارن کي بنا ڪنهن متڀيد جي استعمال ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسان جي ملڪ جي حالتن بابت اسان چڱي طرح واقف آهيون، روزانو هتي ڇا ٿي رهيو آهي اهو اسان جي اڳيان آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ پوليس جو رويو ۽ تاثر دوستاڻو ناهي، عام شهري کي پوليس کان تمام گهڻيون شڪايتون آهن. هن چيو ته منهنجي آفيس ۾ ايندڙ هر ٻي درخواست پوليس جي شڪايتن بابت هوندي آهي، هن چيو ته پوليس آفيسرن کي اهڙين سرگرمين ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي، جنهن سان اداري جي ساک متاثر ٿئي، هن چيو ته هر شهري جي عزت ۽ احترام کي آئين ۾ تحفظ فراهم آهي، تنهن ڪري ڪنهن به شهري کي تشدد جو نشانو نه ٿو بڻائي سگهجي، هن چيو ته پوليس جا فرض ۽ ذميواريون قانون ۾ واضح ڪيل آهن، تنهن ڪري پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي هميشه قانون جي بالادستي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي ڊيوٽي ڪرڻ وقت اهو ڪرڻ گهرجي جيڪو قانون چئي ٿو، پر انهن کي سياسي ۽ ڪو ٻيو اثر قبول نه ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته جتي به قانون جي حڪمراني هوندي اتي عوام جو ادارن تي اعتماد هوندو آهي ۽ نتيجي۾ ڪير به قانون هٿ ۾ نه کڻندو. چيف جسٽس چيو ته سياسي اثر ۽ مداخلت سبب ادارن جي ڪارڪردگي تباهه ٿي رهي آهي، جنهن ڪري عوام جو اعتماد آهستي آهستي ادارن تان کڄي رهيو آهي، هن چيو ته انصاف ۾ دير سان به ڏوهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته ماڻهن جي تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ چالان پيش ڪرڻ ۾ دير ۽ ناقص جاچ ٿيڻ مان عوام سمجهي ٿو ته کين ديوار سان لڳايو پيو وڃي، جنهن ڪري اهي قانون هٿ ۾ کڻڻ تي مجبور ٿين ٿا. هن چيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي واقعن ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي ۽ جيڪڏهن تڪرارن کي صحيح طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪيترائي ڪيس عدالت ۾ اچڻ کان اڳ حل ٿي سگهن ٿا، هن چيو ته پوليس ۾ ڪافي ايماندار ۽ بهترين آفيسر به آهن پر ڪجهه ڪاريون رڍون به انهن ۾ آهن جن جي ڪري پوليس جي ساک خراب ٿي آهي، هن چيو ته نوجوان عورتن کي به همٿايو وڃي ته اهي پوليس ۾ شموليت اختيار ڪن، هن چيو ته ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي ته ان سان قانون موجب ورتاءُ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا هن وقت دهشتگردي کي منهن ڏيئي رهيا آهن، تنهن ڪري انهن جي نصاب ۾ تبديلي جي ضرورت آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ