ڪراچي

تعليم واري صوبائي وزير جي خاتون ميمبر سان بدتميزي

Sindh Assemblyڪراچي : سنڌ اسيمبلي ۾ تعليم واري صوبائي وزير جي رويي خلاف مخالف ڌر طرفان بجيٽ اجلاس ۾بائيڪاٽ ۽ وڏي وزير جي تقرير دوران هل هنگامو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي،ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)،سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس ڪالهه ڇنڇر ڏينهن به بجيٽ تي عام بحث جاري رهيو، اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ميمبر سيده ماروي راشدي بجيٽ تي پنهنجي تقرير جي دوران ٻڌايو ته هڪ ٽي وي چينل ڏيکاريو آهي ته تعليم وارو وزير پير مظهر الحق اسيمبلي اندر آءِ پيڊ تي ڊانس جي فلم ڏسي رهيو آهي، جيڪا شرم جهڙي ڳالهه آهي، هن جڏهن اها ڳالهه ڪئي ته صوبائي وزير پير مظهر الحق ايوان ۾ موجود نه هو، جڏهن ٿوري دير بعد هو ايوان ۾ آيو ته هن ذاتي وضاحت تي ڳالهائيندي چيو ته مونکي سڄي زندگي ان ڳالهه جو افسوس رهندو ته آئون هڪ اهڙي اسيمبلي ۾ اچي ويو آهيان، جنهن ۾ ٻارڙا اچي ويا آهن، جن کي ڳالهائڻ جي به تميز ناهي. ان تي مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي چيو ته پيرمظهر کي ان ٽي وي فوٽيج جي ترديد ڪرڻ گهرجي، جنهن هن کي دانس جي فلم ڏسندي ڏيکاريو آهي، اسيمبلي جو ماحول پر امن ماحول ۾ هلي رهيو آهي اها ڳالهه ٺيڪ ناهي ته اسان جي ميمبرن کي ٻار يا بدتميز چيو وڃي، جنهن ريت امن ۽ محبت سان مامرا هلي رهيا آهن، انهن کي هلڻ ڏنو وڃي، اسان نٿا چاهيون ته ٻين صوبن جيان ماڻهن کي اهو پيغام وڃي ته سنڌ اسيمبلي ۾ به هنگاما ٿين ٿا. ان تي صوبائي وزير پير مظهر الحق چيو ته مون ڪنهن جو به نالو ناهي ورتو، هتي چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک واري ڳالهه آهي، اسيمبلي جي اها روايت رهي آهي ته هڪ ٻي جو احترام ڪيو وڃي، عورت ميمبر منهنجي پرپٺ ڳالهه ڪئي آهي، اسلام ۾ پرپٺ ڳالهه ڪرڻ جي جيڪا سزا آهي اها ان کي ڏني وڃيٻئي طرف سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجن وزيرن کي مخالف ڌر جي عورت ميمبرن تي ذاتي حملا ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ،بدتميزي سان پيش اچڻ جو نوٽيس وٺي، ٻي صورت ۾ اپوزيشن بجيٽ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري سگهي ٿي ۽ وڏي وزير جي تقرير دروان هلڙ بازي ۽ شور شراب ڪيو ويندو. هن اهڙو اظهار ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيده ماروي راشدي، شمس الدين راڄڙ، رزاق راهمون ، ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ ۽ ٻيا موجود هئا، ڄام مدد علي چيو ته هڪ ٻئي کي ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ جمهوريت جو اصل روح آهي. پر هتي جمهوريت کي بدنام ڪرڻ ۽ بحث دوران بجيٽ جا ڪاغذ ڦاري وڏي وزير يا بجيٽ پيش ڪندڙ وزير آڏو اڇلايا وڃن ٿا. اسان ماضي جي روايتن کي ختم ڪري هڪ نئين روايت رکي آهي ۽ چوٿين بجيٽ تائين پنهنجو پوائنٽ آف ويو ٻڌايو آهي. بجٽ تي جائز تنقيد ڪئي آهي. جڏهن ته جتي سٺا ڪم آهن انهن جي تعريف ڪئي آهي. ماضي وانگر بجيٽ تقرير دوران بجيٽ جا ڪاغذ ڦاڙي احتجاج ۽ هل هنگامو نه ڪيو آهي. جڏهن ته اسان تي پيپلز پارٽي جا ميمبر الزام هڻي رهيا آهن ته مخالف ڌر وارا خاموش ويٺا آهن، مان انهن جي سازشن کي سمجهان ٿو پر هو چاهين ٿا ته اسيمبلي جو ماحول خراب ٿئي پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سيده ماروي راشدي پنهنجي تقرير دوران صرف اهو چيو ته ميڊيا ۾ ڏيکاريو ويو ته هڪ تعليم جو صوبائي وزير ايوان ۾ آءِ پيڊ تي فلم ڏسي رهيو آهي. جڏهن تعليم جي وزير جو اهڙو حشر هوندو ته سنڌ جي تعليم جو ڪهڙو حشر هوندو. هن صرف ميڊيا تي هلندڙ خبرن جو ذڪر ڪيو پنهنجي طرفان ڪو به الزام نه لڳايو پر ان جي جواب ۾ پير مظهرالحق سيده ماروي راشدي خلاف گٿا لفظ ڳالهايا جنهن تي هن کي شرم اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي غلطي جو ايوان ۽ قوم کان معافي وٺڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي ۽ صوبائي وزير ايوان ۾ فلمون ڏسي رهيو آهي. عوام اهڙن وزيرن جو احتساب ڪري. هن چيو ته اسان سنڌ اسيمبلي ۾ پنجاب اسيمبلي جهڙو ماحول پيدا ن ٿا ڪرڻ چاهيون. پر جيڪڏهن وزيرن پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته اسيمبلي جي ڪارروائي دوران احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته اسيمبلي اندر ڪمپيوٽر رکڻ غيرقانوني ڪم آهي پر اسپيڪر نثار کهڙو ايوان کي سٺي ماحول ۾ هلائي رهيو آهي ۽ ايوان ۾ بجيٽ تقرير دوران صرف ڪجهه وزير سيد مراد علي شاهه، شازيه مري، ڄام مهتاب ڏهر، مڪمل تقريرون ٻڌن ٿا جڏهن ته باقي کي ڪابه دلچسپي ناهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button