ترقياتي ڪمن دوران شهرين ، دڪاندارن ۽ واپارين کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي: برڪات احمد رضوي
ٽنڊو محمد خان: ضلعي ايڊمنسٽريٽر ٽنڊو محمد خان سيد برڪات احمد رضوي ضلعي جي لاڳاپيل عملدارن کي ٽنڊو محمد خان شهر اندر روڊ جي تعمير ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ هلندڙ ترقياتي ڪمن کي 30 ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ ۽ شهرين کي پيئڻ جي صاف سٿري پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سميت هلندڙ ترقياتي ڪم دوران شهر اندر ڳرين گاڏين جي داخلا لاءِ متبادل رستو فراهم ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪم دوران امن امان واري صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن _اهڙي هدايت هن اڄ ڊي سي او سيڪريٽريٽ ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي نمائندن ، واپاري تنظيمن ۽ ضلعي عملدارن سان منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني_ هن چيو ته ترقياتي ڪمن دوران شهرين ، دڪاندارن ۽ واپارين کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو _ ڊي سي او چيو ته ٽنڊو محمد خان هڪ تاريخي شهر آهي جنهن کي ترقي وٺرائڻ ۽ رهواسين کي گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون _ هن ڊي او روڊس کي مزدورن جي انگ وڌائڻ سميت رات جي وقت به ڪم کي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي _ هن ڊي ڊي او روينيو ، ٽي ايم او ۽ ايس پي او کي هدايت ڪئي ته شهر مان حددخليون هٽائڻ لاءِ اپاءُ اختيار ڪيا وڃن ۽ رضاڪار تنظيم جوڙي ماڻهن جي سهڪار سان ترقياتي ڪم دوران گاڏين جي داخلا لاءِ متبادل رستو اختيار ڪرڻ سميت ميڊيا ذريعي ان جي تشهير ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي _گڏجاڻي ۾ ڊي سي او ، واپاري تنظيمن جي نمائندن کي سندن مسئلن جي حل جو يقين ڏياريو.ان موقعي تي ٽنڊو محمد خان جي شهرين کي صاف پاڻي جي فراهمي بابت پ پ پ ضلعي نائب صدر اعجاز شاهه ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير شهر اندر واٽر فلٽر پلانٽ لڳائڻ لاءِ هڪ اسڪيم جي منظوري ڏني آهي جنهن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو.گڏجاڻي ۾ اي ڊي او روينيو هادي بخش زرداري، ايس پي او سيد عرفان شاهه ، ڊي او روڊس ، رحيم بخش سومرو ، ڊي ڊي او روينيو غلام قادر جوڻيجو ، ٽي ايم او غلام مصطفيٰ زنئور ۽ واپاري تنظيمن جي نمائدن شرڪت ڪئي.