پڇڙي تائين پاڻي جي فراهمي ۾ رڪاوٽون وجهندڙن خلاف پهرين جولاءِ کان ضلعي انتظاميا کي آپريشن شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو ٺٽي ضلعي اندر ڪچي جي اندر زمينداري بندن کي ڊاهڻ ۽ شاخن ۾ پوڇڙ تائين پاڻي جي فراهمي ۾ رڪاوٽون وجهندڙن خلاف پهرين جولاءِ کان ضلعي انتظاميا کي آپريشن شروع ڪرڻ جون هداتيون جاري ڪندي چيو آهي ته آبپاشي کاتي جي انتظاميا جي ناقص ڪارڪردگي سبب جاتي، شاهبندر، ميرپورساڪرو، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي پوڇڙ تائين پيئڻ لاء به واهن ۾ پاڻي نٿو پهچي ۽ ان جو ذميوار واسطيدار عملدار آهن ، جن خلاف هاڻي ڪارروائي ڪئي ويندي، مڪلي تي ضلعي ڪائونسل هال ۾ ضلعي جي حفاظتي بچاءُ بندن تي هلندڙ مرمتي ڪم ۽ پاڻي جي صورتحال بابت سڏايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي سسئي پليجو حفاظتي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم بابت آبپاشي کاتي کان رپورٽ ورتي ۽ حفاظتي بچاءُ بندن اندر ڪچي ۾ زمينداري بندن توڙي واهن ۽ شاخن کي ڪٽ هڻي پوڇڙ واسي زميندارن جي حصي جو پاڻي حاصل ڪندڙ بااثر زميندارن بابت (اج) تائين آبپاشي کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي گڏجاڻي ۾ ڊي سي او ٺٽو جعفر عباسي ، آبپاشي کاتي جو سپرنٽيڊنٽ انجنيئر سلمان ميمڻ سميت آبپاشي ، روينيو ۽ ٻين کاتن جا عملدار موجود هئا. بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته گذريل سال ٻوڏ ۾ به وڏي تباهي جو سبب ڪچي جا زمينداري بند بڻيا هئا، ان لاءِ هاڻي کان ئي آپريشن شروع ڪيو ويندو ، جنهن لاءِ هن واسطيدار روينيو ۽ آبپاشي انتظاميا کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، هن چيو ته هو پاڻ حفاظتي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم جو دورو ڪري جائزو وٺندي ۽ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.