بندن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي: محمد عباس بلوچ
خيرپور: ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ ڊي پي او عرفان بلوچ ضلعي جي ڪچي واري علائقن جي مختلف بچاءُ بندن جو دورو ڪيو ۽ بندن جي مرمتي ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊي سي او علائقي واسين ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال جي ٻوڏ جي تباه ڪارين کي نظر ۾ رکندي بندن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي جڏهن بچاءُ جون مختلف حڪمت عمليون پڻ جوڙيون پيون وڃن ته جيئن ضلعي کي امڪاني ٻوڏ جي امڪاني خطرن کان بچائي سگهجي. هن چيو ته گذريل سال وانگر هر هڪ شعبي کي پنهنجون ڀرپور ذميواريون نڀائڻيون پونديون جڏهن ته بندن جي حساس جڳهن تي ضلعي پوليس پاران مخلتف پوليس چوڪيون قائم ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي ڊي سي او آبپاشي کاتي جي ايس اي ولي محمد نائچ کي بندن جي مرمتي ڪم کي جلد ۾ جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون جڏهن ته ايس اي ٻڌايو ته بندن جو مرمتي ڪم 80 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته باقي ڪم پڻ جلد مڪمل ڪيو ويندو. جڏهن ته ڊي پي او خيرپور عرفان بلوچ پوليس عملي کي بندن جي نگراني ڪرڻ جو سخت هدايتون جاري ڪندي کين چوڪس رهڻ جا پڻ احڪامات جاري ڪيا. ڊي سي او ۽ ڊي پي او اُلرا بچاءُ بند، جمشير بند، فريد آباد، زيرو پوائنٽ، ڳڙهي پٺاڻ، فيض محمد ٻنڊو، جهٻر شيخ، سڄڻ مهيسر، ٽرپل ، ٻٻرلوءِ ريگيوليٽر، پريالوءِ، ڪيٽي مير محمد ۽ ڪچي جي ٻين علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. جڏهن ڊي سي او علائقي واسين کي بندن جي مرمتي ڪم ۾ وڌ ۾ وڌ سهڪار ڪرڻ جي گذارش ڪئي ۽ کين بچاءُ بندن جي مرمتي ڪم ۾ کجين ۽ ٻني جي امڪاني طور اچڻ جي ڪري کين حڪومت پاران معاوضو ڏيڻ جو يقين ڏياريون.