بندر وال خالي ڪرائڻ خلاف مردن ، عورتن ۽ ٻارن جو مظاھرو
سکر(بيورورپورٽ)حڪومت پاران بندر وال خالي ڪرائڻ ۽ طاقت جي استعمال بعد بندر وال جي سوين مردن، عورتن ۽ ٻارن پاران نٽهڻ اس ۾ هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي بندر وال کان شروع ٿي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي سعيد سرهندي روڊ تي پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪندي بندر وال جا رهائشي سراپا احتجاج بڻجي ويا. ۽ انتظاميه ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندي رهائشي چيو ته اسان پنهنجن جانين جو نذرانو ڏئي ڇڏينداسون مگر بندر وال خالي ڪو نه ڪنداسون، جڏهن ته حڪومت پاران اسان کي بندر وال خالي ڪرڻ لاءِ متبادل جڳهه ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو مگر حڪومت پاران واعدي تان پاڻ ڦري ويا آهن هنن چيو ته اسان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ويٺا آهيون. هتان جا چونڊيل نمائنده ووٽ وٺڻ ايندا آهن ته اسان سان وڏا وڏا واعده ڪري ويندا آهن. ۽ ووٽ وٺڻ وقت بندر وال جائز ٿي ويندو آهي ۽ هاڻي ناجائز ويٺل آهيون. هنن چيو ته جيستائين اسان کي متبادل جڳهه راهم نه ڪئي ويندي، تيستائين بندر وال ڪو خالي ڪنداسون. هنن چيو ته حڪومت ووٽ وٺڻ وقت عوام کي الٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ جو نعرو ڏئي ڪري عوام کان ووٽ ورتا هئا. جڏهن اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ حڪومت عوام کي اٽو، لٽو ته نه ڏنو پر اجهو به کسڻ چاهي ٿي.حڪومت اسان جي لاشن تي بندر وال خالي ڪري سگهي ٿي. هنن چيو ته جيڪو به چونڊيل نمائنده يا انتظاميه بندر وال خالي ڪرائڻ لاءِ آئي ته اسان مزاحمت ڪنداسون ۽ خاموشي سان بندر وال خالي ڪو نه ڪنداسون چاهي اسان کي پنهنجين جانين جا نذرانه ڇو نه ڏيڻا پون. احتجاجي ريلي ۾ عورتون ۽ مرد نعرو هڻي رهيا هئا ته مرسون مرسون بندر خالي نه ڪريسون.