سکر

بندر وال جي رهائشي ماڻهن کي مجبوري جي حالت ۾ بي گھر ڪرڻو پئي ٿو: نعمان اسلام شيخ

Noman Islam Shaikhسکر(بيورورپورٽ)ريلوي جي پارليماني سيڪريٽري نعمان اسلام شيخ چيو آهي ته بندر وال جي رهائشي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ نه ٿا چاهيون مگر 0 1 لک شهرين جي مفاد جي خاطر مشڪل حالتن ۾ اهڙو فيصلو ڪرڻو پيو آهي. تاجر ۽ شهري بندر وال وارو علائقو خالي ڪرائڻ لاءِ تعاون ڪن ماضي ۾ سکر جي نالي تي اربين روپيا حاصل ڪندڙن هن شهر لاءِ جهالت کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي. جنهن جي ڪري سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر موهن جو دڙو جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. اڄ شهر ۾ جيڪي ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن ان سان شهري تبديلي محسوس ڪندا، اهڙن خيالن جو اظهار سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. هن چيو ته پراڻي بس اسٽينڊ تي 6 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان فيملي پارڪ ٺاهيو پيو وڃي ۽ توڙي بند جي نقصان کي نظر انداز نه ٿا ڪري سگهون. جنهن جي ڪري لکين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. ان لاءِ امڪاني ٻوڏ جي خطري جي پيش نظر بندر وال جي رهائشي ماڻهن کي علائقو خالي ڪرڻو پوندو ۽ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن کي اڪيلو ڪو نه ڇڏينداسون. انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، ڪچي بندر جي ماڻهن جي معاوضي لاءِ صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهيون هلي رهيون آهن هن چيو ته ماضي ۾ شهر ۾ وڏين عمارتن جي تعمير جي اجازت ته ڏني وئي پر ڊرينيج لاءِ ڪو به پلان ڪو نه ٺاهيو ويو ۽ اسان 0 1 لک ماڻهن کي قربان نه ٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي شهر کي تباهه ٿيڻ ڏينداسون هن چيو ته سکر شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ هر ممڪن اقدام ڪري رهيا آهيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button