سکر

بندروال جي تعيمر جي ڪم کي تيز ڪيو ويندو: قائم علي شاھ جي خاطري

qaimسکر: سکر سمال ٽريڊرس ۽ گرين مرچنٽ ايسوسئيشن جي عهديدارن جي هڪ وفد اڄ سرڪٽ هائوس سکر ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفد وڏي وزير کي مارڪيٽ ڪميٽي جي لائسنس فيس ۾ اضافو جي واپس ڪرڻ، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي بائونڊري وال ۽ ايڊمنسٽريشن بلاڪ جي تعمير لاءِ گهربل فنڊ جي فراهمي ۽ ٻين درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وڏي وزير مسئلن کي غور سان ٻڌو ۽ ان جي حل جي لاءِ همدردانه غور جي يقين دهاني ڪرائي. وڏي وزير مارڪيٽ ڪميٽي لائسنس فيس جي اضافي متعلق واسطيدار ايگريڪلچر آفيسر کي هدايت ڪئي ته هو مارڪيٽ ڪميٽي لائنسس جي واڌاري واري مسئلي جو جائزو وٺي ان سلسلي ۾ کيس رپورٽ پيش ڪري. سکر سمال ٽريڊرس جي عهديدارن وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته هو بندروال جي اندر ناجائر تجاوزات جي سلسلي ۾ هڪ ريلي منعقد ڪندا ۽ گهر ڪندا ته بندروال اندر ناجائز تجاوزات کي سکر جي شهرين جي مفاد ۾ هٽايو وڃي. وڏي وزير واپارين جي وفد کي يقين ڏياريو ته بندروال جي تعيمر جي ڪم کي تيز ڪيو ويندو ته جيئن هي ڪم جلد کان جلد مڪمل ٿي سگهي هن گڏجاڻي ۾ نعمان اسلام شيخ ايم اين اي، حاجي انور خان مهر ايم پي اي، ڊاڪٽر نصرالله بلوچ ايم پي اي، ڊي سي او سکر انعام الله خان ڌاريجو، فرخ عادل شيخ، حاجي هارون ميمڻ، حاجي صابر، محمد ادريس، طاهر خان ۽ خيرپور جي واپارين پڻ شرڪت ڪئي. بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني محلا سکر ۾ فائز علي شاهه سان سندس والده جي وفات تي تعزيت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button