آرٽيڪل

بجيٽ 2011 2012

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
Pakistan Budget 2011ناڻي واري وفاقي وزارت جي طرفان جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ چيو ويو آھي تھ ايڪسچينج ريٽ جو استحڪام ھلندڙ مالي سال جي دوران پاڪستان جي اقتصادي استحڪام جو نتيجو آھي، ايڪسچينج ريٽ کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سمورا درڪار قدم کنيا ويندا. ھلندڙ مالي سال جي دوران ملڪ کي بيشمار ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل چيلينجن جو منھن ڪرڻو پيو ۽ انھن چيلينجن جو جھڙي ريت مقابلو ڪيو ويو اھو پوري دنيا جي اقتصادي مينيجرز جي لاءِ حيرت جو سبب آھي. عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ جي باوجود پاڪستاني معيشت اھو دٻا/ برداشت ڪري ورتو ۽ عوام کي .5 ارب رپين جي سبسڊي بھ فراھم ڪئي وئي، امن امان جي صورتحال خود ڪش حملن، بم ڌماڪن ۽ دھشتگردي جي خلاف جاري آپريشن جي ڪري ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيداري جو عمل بري ريت متاثر ٿيو، توانائي جي گھرج ۽ پھچ جي عدم توازن ملڪي معيشت کي وڌيڪ دٻاءَ جو شڪار بڻائي ڇڏيو، ان جي باوجود ھلندڙ مالي سال جي دوران برآمدات ھڪ تاريخي سطح ٽپڻ تي آھي، پاڪستان جي .6 سالا تاريخ ۾ ڪڏھن بھ برآمدات 22 ارب ڊالر تائين ناھي پھچي سگھي پر ھلندڙ مالي سال برآمدات 42 ارب ڊالر مان ٽپي ويندي. ٻاھرين ملڪ رھندڙ پاڪستانين جي طرفان موڪليو ويندڙ سرمايو بھ ڪڏھن بھ .1 ارب ڊالر مان ناھي وڌي سگھيو پر ھن سال ٻاھرين ملڪ رھندڙ پاڪستانين جي طرفان موڪليو ويندڙ سرمايو 11 ارب .2 ڪروڙ ڊالر تائين پھچڻ تي آھي، پاڪستان جي زرمبادلي جا ذخيرا بھ تاريخي سطح تي پھچي چڪا آھن ۽ .2 مارچ تي ختم ٿيندڙ ھفتي ۾ زرمبادلي جا ذخيرا .7 ارب ڊالر کان وڌيڪ ھئا، ان جي لاءِ پاڪستاني رپي جو مُلھھ آمريڪي ڊالر ۽ دنيا جي ٻين ڪرنسين جي ڀيٽ ۾ مستحڪم آھي، جھڙي طرح جي صورتحال جو منھن پاڪستاني معيشت کي آھي، پاڪستاني رپي جي ملھھ ۾ جيڪڏھن ..1 سيڪڙو گھٽتائي بھ ٿي وڃي ھا تھ ڪنھن کي ان تي حيرت نھ ٿئي ھا، پر ھتي تھ نھ صرف پاڪستاني ڪرنسي مستحڪم آھي پر ان جي مُلھھ ۾ واڌ جو رجحان بھ ڏٺو پيو وڃي، ان جي ڪري پاڪستان جا ٻاھريان اڪائونٽس گذريل .1 سالن جي دوران پھريون ڀيرو سرپلس ۾ اچي ويا آھن ۽ پنھنجي عالمي ادائيگين ۾ پاڪستان کي ڪي بھ خدشا ۽ خطرا لاحق نھ آھن.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان افراط زر جي شرح کي ضابطي ۾ رکڻ ۽ زر جي ڦھلاءَ کي روڪڻ جي لاءِ انٽريسٽ ريٽ جي جيڪا شرح مقرر ڪئي آھي، ان جا موثر نتيجا نڪتا آھن ۽ زرِ جي ڦھلاءَ جي شرح اھا نھ آھي جنھن جي اميد ڪئي پئي وڃي پر افراط زر جي شرح بھ ڪنٽرول ۾ آھي، پاڪستان کي جيڪڏھن مالي رليف ملي وڃي تھ مھانگائي جي شرح سنگل عدد ۾ آساني سان اچي سگھي ٿي، اھا اقتصادي ڪارڪردگي ان صورتحال ۾ ٿي آھي، جڏھن پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان 11 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو اسٽينڊ باءِ پروگرام عملي طور رُڪيل آھي، پاڪستان کي عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي بئنڪ مان بجيٽ سپورٽ جي لاءِ ھڪ ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ جون ادائيگيون ھيستائين نھ ٿي سگھيون آھن، اھڙي ريت ڪوليشن سپورٽ فنڊ ۽ ڪيري لوگر بل تحت ھڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جا قابل ادا فنڊ پاڪستان کي اڃا تائين نھ ملي سگھيا آھن. پاڪستاني معيشت ۾ ترقي ڪرڻ جا بي پناھھ امڪان موجود آھن، امن امان جي صورتحال وياج جي بلند شرح ۽ توانائي جي بحران جي باوجود مارچ ۽ اپريل ۾ پاڪستان جي برآمدات چئن ارب ڊالرن کان وڌي وئي آھي، اھڙي ريت مارچ ۽ اپريل ۾ ٻاھرين ملڪ رھندڙ پاڪستانين جي طرفان ھر مھيني ھڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي رقم پاڪستان موڪلي وئي. آمد ۽ خرچ ۾ وڌندڙ فرق تي ضابطي آڻڻ جي لاءِ حڪومت مارچ ۾ جن قدمن جو اعلان ڪيو ھو، ان سان بھ پاڪستان کي پنھنجي اندروني اڪائونٽس ۾ ريليف مليو آھي، مارچ ۾ 51 سيڪڙو انڪم ٽيڪس، فلڊ سرچارج لڳائي وئي ھئي، جڏھن تھ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي شرح ھڪ سيڪڙو مان وڌائي اڍائي سيڪڙو ڪئي وئي ھئي، حڪومت واڌو وسيلن جي حصول جي لاءِ سالانا ترقياتي خرچن ۾ بھ واضح گھٽتائي ڪئي ھئي ۽ ان کي .82 ارب مان گھٽائي .81 ارب رپيا ڪري ڇڏيو ھو، ٻئي پاسي حڪومت جي غير ترقياتي خرچن ۾ بھ واضح گھٽتائي ڪئي وئي ھئي، وزارتن ۽ ڊويزنن جي بجيٽ گذريل سال جي سطح تي روڪي وئي ھئي، غير ضروري ٻاھرين دورن تي پابندي لڳائي وئي ھئي، سرڪاري ادارن ۾ نئين ملازمتن تي پابندي لڳائي وئي ھئي. سرڪاري ادارن ۾ نئين تنظيم جي ذريعي گھڻي پگھار ۽ سھولتون حاصل ڪندڙ ڪنٽريڪٽ آفيسرن کي فارغ ڪيو ويو ھو، اھڙي ريت حڪومت کي .2 ارب ڊالر جا وڌيڪ واڌو وسيلا حاصل ٿيا ھئا. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ اچڻ واري آھي، حڪومت عالمي مالياتي ادارن جي ڪڙين شرطن کان بچڻ جي لاءِ پنھنجن وسيلن ۾ واڌ جي پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ھر قابل ٽيڪس برآمد تي ٽيڪس لڳايو پيو وڃي، بااثر ۽ دولتمند طبقي جي استعمال ھيٺ شين تي ٽيڪسن جي شرح ۾ واڌ جي تجويز آھي، غربت ۾ گھٽتائي ۽ پوئتي پيل طبقن کي ريليف فراھم ڪرڻ جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ پاڪستان بيت المال جي دائريڪار ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، 7 لکن کان وڌيڪ نوان ٽيڪس ڏيندڙن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آھي، جيڪڏھن بااثر طبقا واجب ٽيڪس ايمانداري سان ادا ڪن تھ پاڪستان کي عالمي مالياتي ادارن جي آڏو ھٿ ڦھلائڻو نھ پوندو…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button