آرٽيڪل

بجيٽ، عوام ۽ ڀٽوازم

ليکڪ: عابد مختار خٽڪ
bhutto indra benazirنيو لبرل ازم کي گذريل 72 سالن کان مستقل مشڪلات جو منھن آھي. عالمي معاشي بحران سبب ھر ڪو سخت پريشان آھي. دنيا جي معيشت جي قيادت ڪندڙ طاقتور رياست اڄ پاڻ معاشي خساري جو شڪار آھي، آمريڪا جو ھلندڙ سال جو رياستي خسارو 8.1 بلين ڊالر تائين پھچي ويوآھي، جيڪو 21.2ع تائين 551 بلين ڊالر تائين پھچڻ جو امڪان آھي. اڄ ڪابھ رياست عالمي طور تي رونما ٿيندڙ واقعن کان پنھنجي پاڻ کي لاتعلق نھ ٿي رکي سگھي ۽ ان عالمي مالياتي بحران پاڪستاني معيشت تي بھ بُرا اثر وڌا آھن. ٻئي پاسي 53 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين فوجي آمريتن جمھوري نظام کي ملڪ ۾ لاڳو ئي نھ ٿيڻ ڏنو، جنھن سان جمھوري ادارا بڻجي سگھن ۽ نھ ئي پاڪستاني معاشري ۾ جمھوري روين کي پروان چڙھائي سگھيو ويو، شخصي حڪمراني برداشت، رواداري ۽ مفاھمتي ڪلچر کي ئي ختم ڪري ڇڏيو، معاشري ۾ انتھاپسندي ۽ ناانصافي کي ھٿي ملي، ابن الوقت نالي ماتر سياستدانن وقت جي آمرن سان گڏجي ذاتي مفاد اٿاريا جنھن سان ادارن ۾ بدعنواني کي ھٿي ملي. ذوالفقار علي ڀٽو ناانصافين تي ٻڌل نظام جي خلاف آواز بلند ڪيو تھ (اڄ جيڪي قوتون قومي غيرت جا نعرا لڳائيندي نھ ٿيون ٿڪجن) طاقتور سامراجي قوتن سان ملي ويون ۽ پاڪستاني قوم کي پھريون ڀيرو خود انحصاري جي اميد ڏياريندڙ عظيم ليڊر کي انھن کان کسي ورتو، جنھن کان پوءِ وقت جي جابر آمر ماضي جي انڌي قوتن جي اھڙي پرورش ڪئي، جن پاڪستاني رياست جي سلامتي کي ئي داءَ تي لڳائي ڇڏيو، بم ڌماڪا، توانائي جو بحران، سياسي ۽ معاشي بحران ايتري قدر وڌيو جو ھڪ آمر جو پوکيل فصل لُڻڻ لاءِ آندل ڊڪٽيٽر اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو ۽ محترمھ بينظير ڀٽو جي شھادت رياستي حالتن کي ئي ايترو خراب ڪري ڇڏيو جو ملڪ ٽُٽڻ جون ڳالھيون عام ٿيڻ لڳيون، اھڙي ۾ چوڌاري خطرن ۾ گھيريل رياست کي بچائڻ جي لاءِ پيپلزپارٽي جي قيادت ۾ عوام جي چونڊيل مخلوط حڪومت جي ڪلھن تي سمورو بوج وڌو ويو، جنھن سبب پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ صدر مملڪت آصف علي زرداري کي ))پاڪستان کپي(( جو نعرو بلند ڪرڻو پيو. عوامي حڪومت رياستي رٽ کي چيلينج ڪندڙن جي خلاف عوام جي طاقت سان سوات ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. مخلوط حڪومت اقتدار سنڀالڻ جي فورن بعد آمريت جا ڪارا قانون ختم ڪندي ٽريڊ يونين ۽ شاگرد يونين کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڪنٽريڪٽ ملازمن کي ريگيولر، آءِ آر او 2..2ع کي رد ڪندي پھرين بجيٽ ۾ ئي بي پناھھ مشڪلات ۽ دٻاءَ جي باوجود ملازم طبقي جي پگھارن ۾ .2 سيڪڙو واڌ ڪئي. معيشت اجازت نھ ڏئي رھي ھئي پرپوءِ پيپلزپارٽي پورھيتن جي پگھارن ۾ واڌ ڪري مزدور دوستي جو عملي ثبوت ڏنو. مخلوط حڪومت جنھن ۾ ڪئين پارٽيون اقتدار ۾ شريڪ ھجن، ڪابھ پارٽي اڪيلي پنھنجو ايجنڊو اڳتي نھ ٿي وڌائي سگھي. سخت مخالفت ۽ معاشي مشڪلات جي باوجود بجيٽ 11ـ.1.2ع ۾ سرڪاري ملازمن جون .5 سيڪڙو ايڊھاڪ پگھارون وڌايون ويون جنھن جي نون ليگ جي چوڌري نثار ۽ ٻين سخت مخالفت ڪئي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بڻائڻ جي دوران ايبٽ آباد ۾ اساما بن لادن جي مارجڻ ۽ ڪراچي ۾ نيول بيس حملي سميت ٻين واقعن اھڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون جو ڪجھھ عنصرن واضح طور تي چوڻ شروع ڪري ڏنو تھ موجودھ حڪومت ڪجھھ ڏينھن جي مھمان آھي، اھا ڪنھن بھ صورت بجيٽ بڻائي ئي نھ ٿي سگھي. عوامي حڪومت نھ رڳو بجيٽ پيش ڪئي پر خراب حالتن جي باوجود متوازن تور پيش ڪندي سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 51 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو، پھرين جولاءِ 9..2ع تائين ڏنا ويندڙ سمورن ايڊھاڪ الائونسز کي 8..2ع جي بنيادي اسڪيل ۾ ضم ڪندي نئين پي اسڪيل کي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. پينشن ۾ 51 کان .2 سيڪڙو واڌ ۽ گريڊ 1 کان 51 تائين جي سمورن سرڪاري ملازمن جي موجودھ ڪنوينس الائونس ۾ 52 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني، جنھن جو مثال پاڪستاني تاريخ ۾ نھ ٿو ملي. پيپلزپارٽي جي قيادت يقينن عوام کي جيترو جلد ممڪن ٿي سگھي رليف ڏيڻ چاھي پئي پر مسئلو ڳريل معيشت جو آھي، سرمائيداري جو عالمي بحران پاڪستاني معيشت کي متاثر ڪري رھيو آھي، دھشتگردن بھ 86 ارب ڊالر جو نقصان ڏئي ملڪي معيشت کي تباھھ ڪيو، قدرتي آفتن ۽ عالمي منڊي ۾ تيل جي وڌندڙ قيمتن بھ حالتن کي وڌيڪ ناسازگار بڻايو آھي. اھڙي ۾ پوءِ ذھين ۽ تاريخ ساز اڳواڻ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو منشور ئي مسئلن جي حل جي ضمانت ڏئي ٿو. اوڏانھن واپسي ئي اسان کي شعور جون بلنديون ڏئي سگھي ٿي تھ مساوات تي ٻڌل اھڙو معاشرو قائم ٿي سگھي جو ڪو پيٽ جي باھھ وسائڻ جي ڪاڻ خودڪشي نھ ڪري صحت، تعليم ۽ بنيادي سھولتون ھر ڪنھن جي ھٿ وس ھجن. اھو ئي ڀٽوازم جو پيغام آھي ۽ منزل بھ.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button