ڪراچي

بابر اعواڻ کي واجب القتل قرار ڏيڻ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور، راڻا ثناءُ الله جي برطرفي جو مطالبو

sindh assemblyڪراچي: سنڌ اسيمبلي اڳوڻي وفاقي وزير بابر اعواڻ کي واجب القتل قرار ڏيڻ خلاف اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. جنهن ۾ پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُالله جي بيان جي مذمت ڪئي وئي. اهو ٺهراءُ پ پ جي ميمبر نديم احمد ڀٽو پيش ڪيو. ٺهراءُ جي منظوري وقت ايم ڪيو ايم جا ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا. ٺهراءَ ۾ ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي واجب القتل قرار ڏيڻ واري فتويٰ تي سنڌ اسيمبلي جو ايوان پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو راڻا ثناءُالله کي فوري طور تي عهدي تان برطرف ڪن ۽ قائدي جي ڪارروائي ڪن. جيڪڏهن بابراعواڻ سان واقعو پيش آيو ته ان جو ذميوار ۽ جوابده پنجاب حڪومت ۽ راڻا ثناءُ الله هوندو. نديم ڀٽي چيو ته راڻا ثناءُالله غير اخلاقي ۽ غير شرعي فتويٰ ڏني آهي. سڄو ملڪ ڄاڻي ٿو ته راڻا ثناءُ الله جو جهادي تنظيم سان واسطو آهي. هن چيو ته ان جو بيان پنجاب حڪومت ۽ رائيونڊ محل جي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ آهي. اسان کين خبردار ٿا ڪيون ته اهڙا بيان نه ڏين، جنهن سان ڪو واقعو پيش اچي. پ پ جي امداد پتافي چيو ته راڻاثناءَالله نواز ليگ جو جوڪر آهي. رينجرز جي اهلڪار جي هڪ غلطي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي ٿو پر راڻا ثناءُالله جي بيان تي نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي. سپريم ڪورٽ ان جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي. هن چيو ته واجب القتل بابراعواڻ نه پر اهي آهن، جيڪي ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا. صوبائي وزير شازيه مري چيو ته پنجاب ۾ ون مين شو آهي. اتي چونڊيل نمائندن کي وڏو وزير وقت نه ڏينديو آهي. ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ پنهنجي روحاني پيءُ ضياءُالحق کان متاثر آهن، راڻا ثناءُالله متقل جهادي فعل ڪري هو خطرناڪ بڻجي رهيو آهي. اسان دهشتگردي جي خلاف آهيون. رفيق انجنيئر چيو ته راڻا ثناءُالله اسيمبلي ميمبر جي قسم جي خلاف ورزي ڪئي آهي. مسلم ليگ (ن) جي قيادت پنهنجي زبان کي لغام ڏئي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button