ڪراچي

اڳواڻن جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪراچي فش هاربر تي سوين مهاڻن جو مظاهرو، ڌرڻو

PFF4ڪراچي (م ڊ): ڪراچي ۾ اغوا بعد قتل ڪيل ٻن مهاڻن اڳواڻن عبدالغني ۽ حاجي ابوبڪر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف گذريل ڏينهن ڪراچي فش هاربر تي سوين مهاڻن پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين محمد علي شاهه، سعيد بلوچ، يوسف ڪڏاڻي ۽ طاهره علي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ مارچ ڪري فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي مطالبو ڪيو ته مهاڻن اڳواڻن جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. مظاهري ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي فش هاربر تي مهاڻن احتجاجن هوڙن تي ڪارا جهنڊا چاڙهي ڪنارن تي بيهاري وڏي تعداد م مظاهري ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مهاڻن جي وڏي احتجاجي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين محمد علي شاهه چيو ته ٿاڻي تي قاتل حاجي يونس ۽ ذوالفقار يونس کي ايف آءِ آر ۾ جوابدار ڄاڻايو ويو، پر پوليس ۽ چونڊيل نمائندا قاتلن کي تحفظ فراهم ڪندي کين گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هن اعلان ڪيو ته ان عمل خلاف سي ايم هائوس اڳيان ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو،. ان موقعي تي سعيد بلوچ اعلان ڪيو ته پهرين جون کان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پرامن احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري ڪيو ويندو، ان موقعي تي طاهره علي، يوسف ڪڏاڻي، ڪوثر صادق ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button