سکر
ايڊمنسٽريٽر سکر سارين جي پوک تي پابندي لڳائي ڇڏي
سکر: ايڊمنسٽريٽر ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ سکر انعام الله خان ڌاريجو قلم 144 سي آر پي سي تحت گڊو بئراج جي ليفٽ بينڪ تي سارين جي پوک ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي. مذڪوره حڪم 26 جون 2011 تائين نافذ العمل رهندو. هن حڪم جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن جي خلاف سيڪشن 188 پي پي سي تحت قدم کنيو ويندو. واسطيدار ڊي ڊي اوز روينيو، مختيار ڪار روينيو روهڙي، پنوعاقل، صالح پٽ تعلقن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته هو حڪم جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانون مطابق قدم کڻن.