ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي فنڊن مان ميرواهه ڪئنال جي ريماڊلنگ ڪري کاٽي ڪرائڻ جو پلان جوڙيوپيو وڃي: پير سيد فضل شاهه
خيرپور: ضلعي اندر مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٺ جي سلسلي ۾ ڊي سي او آفيس ۾ ضلعي ايڊ منسٽريٽر ۽ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ايم اين اي پير سيد فضل علي شاهه، ساجد ٻانڀڻ،آبپاشي کاتي جي ايس اِي ولي محمد نائچ ۽ ضلعي جي مختلف تعلقن جي آبادگارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ فيض گنج، ٺري ميرواهه، صوڀوديرو ۽ گمبٽ تعلقي جي آبادگارن پاڻي جي کوٺ سان گڏوگڏ واهن ۽ شاخن جي کاٽي نه ڪرائڻ جي حوالي سان آبپاشي کاتي جي شڪايتون ڪيون. جڏهن ته ڊي سي او آبپاشي کاتي جي ايس اي کي لاڳاپيل تعلقن جي آبادگارن جي واهن ۽ شاخن جي پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ ۽ واهن ۽ شاخن جي کاٽي ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ايم اين اي پير سيد فضل شاهه گڏجاڻي کي آگاهي ڏني ته ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي فنڊن مان ميرواهه ڪئنال جي ريماڊلنگ ڪري کاٽي ڪرائڻ جو پلان جوڙيوپيو وڃي جنهن سان پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو. جڏهن ته ڊي سي او آبادگارن کي کي يقين ڏياريو ته علي نواز واهه، پنڌريو واهه، غلام علي مائينر ، گنگڙ شاخ سميت ٻين واهن ۽ شاخن جي کاٽي ڪرائي ويندي ۽ جڏهن ته پڇڙي تائين پاڻي پڻ پهچايو ويندو.