لاھور

ايبٽ آباد ڪميشن جوڙڻ جو وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهون:نواز شريف

nawaz sharifلاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو ته ايبٽ آباد آپريشن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهون، پاڪستان کي هڪ رانديڪو بنايوويو آهي، ڪڏهن آمريت ۽ ڪڏهن ٽٽل ڦٽل جمهوريت آئي، وقت سر احتساب ٿيڻ سان ئي جمهوريت هلي سگهي ٿي، ايبٽ آباد آپريشن جي جاچ لاءِ ڪميشن نه ٺهڻ تي ملڪ جي ساک متاثر ٿي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت ڪميشن جوڙڻ کان ڇو گهٻرائي رهي آهي، لاهور ۾ ڪرڪيٽ سمر ڪيمپ جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شاهه آفريدي سپر اسٽار آهي. هن سان سٺو رويو ٿيڻ گهرجي، ڪجهه رانديگرن سبب پاڪستان جو اميج خراب ٿيو، نواز شريف چيو ته دنيا ترقي ڪري رهي آهي. ملڪ جون حالتون خراب آهن، پاڪستان ۾ سڪون ناهي، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ترقي ڪري ايبٽ آباد ڪميشن نه ٺهڻ جو عمل حڪومت جي خلاف وڃي رهيو آهي، آئون نٿو ڄاڻان ته حڪومت کي ڪنهن کان ڊپ آهي، جاچ لاءِڪميشن نه ٺاهڻ تي افسوس آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button